سمورا پاورپلانٽ ٿر ڪول تي منتقلي جو فيصلو: سنڌ ۾ وفاقي رٿائن کي تيز ڪرڻ جو حڪم
آگسٽ 10, 2024
ڪراچي(رپورٽ: فقير سليم) وزيراعظم شهباز شريف ۽ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد شاهه صوبي ۾ وفاقي حڪومت پاران شروع ڪيل مختلف رٿائن جي رفتار کي تيز ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. وزيراعليٰ هائوس ۾ ٿيل ون آن ون ملاقات ۾ وڏي وزير وفاق جي سهڪار سان هلندڙ ترقياتي منصوبن جي اڳڀرائي ۽ مسئلن کان آگاهه ڪيو. وڏي وزير ٻڌايو ته سنڌ حڪومت ڊونر ايجنسين جي سهڪار سان ريڊ لائين ۽ يلو لائين منصوبن تي ڪم شروع ڪيو آهي، هن وقت ريڊ لائين منصوبي تي ڪم تيزيءَ سان جاري آهي، جڏهن ته ييلو لائين تي ڪم جلد شروع ڪيو ويندو. هن وڌيڪ چيو ته ڪراچي سرڪيولر ريلوي شروع ٿيڻ سان ڪراچي ۾ ٽريفڪ جا مسئلا حل ٿي ويندا، جنهن تي وزيراعظم يقين ڏياريو ته وفاقي حڪومت ڪي سي آر کي سي پيڪ جي ترجيحي منصوبي ۾ شامل ڪرائڻ لاءِ چيني اختيارين سان گڏجي ڪم ڪري رهي آهي. ڪراچي لاءِ ڪي سي آر اهم آهي، انهي کي چين جي سهڪار سان جلد شروع ڪيو ويندو. ملاقات ۾ بجلي اگهن ۾ واڌ واري معاملي تي ڳالهه ٻولهه ٿي، جنهن سبب عوام ۾ پريشانيءَ پکڙيل آهي. خيالن جي ڏي وٺ کانپوءِ ٻنهي اڳواڻن بجلي جي پيداواري لاڳت کي گهٽائڻ لاءِ امپورٽڊ ڪوئلي تي هلندڙ بجلي گهرن کي ٿر جي ڪوئلي تي تبديل ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. ملاقات ۾ڪوئلي جي منتقلي لاءِ ٿر ڪول فيلڊ کان ڇور شهر تائين 105 ڪلوميٽر ريلوي لائين وڇائڻ واري منصوبي تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪري ڪاغذي ڪم ڪار کي تيز ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو. وزيراعظم چيو ته وفاقي حڪومت عوام کي رليف فراهم ڪرڻ لاءِ ڪم ڪري رهي آهي. هن وڌيڪ چيو ته توانائي جي پيداوار جا مقامي ذريعا جهڙوڪ ڪوئلو، سولر ۽ ونڊ پاور عوام کي سستي بجلي فراهم ڪندا، وزيراعليٰ مراد شاهه وزيراعظم کي ٻڌايو ته سنڌ حڪومت صوبي جي آف گرڊ يا ماهوار 100 يونٽ استعمال ڪندڙ غريب ماڻهن ۾ 2 لک سولر هوم سسٽم (SHS) ورهائيندي، ملاقات ۾ ڪراچي کي پاڻي فراهم ڪندڙ ڪي 4 منصوبي تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. وڏي وزير چيو ته ڪي فور ڪئنال ۽ پائيپ لائين تي واپڊا ڪم ڪري رهي آهي، جڏهن ته ڪي فور آگمينٽيشن سنڌحڪومت جي ذميواري آهي. وزيراعظم چيو ته هو واپڊا کي ڪي 4 ڪئنال ۽ لاڳاپيل انفراسٽرڪچر تي ڪم تيز ڪرڻ جي هدايت ڪندو. ملاقات ۾ وڏي وزير ٻڌايو ته سنڌ حڪومت حب ڪئنال پروجيڪٽ شروع ڪيو آهي، جنهن تحت موجوده ڪئنال جي اوور هالنگ ڪري اولهه، ڪياماڙي ۽ سينٽرل ضلعن کي 200 ملين گيلن پاڻي پهچايو ويندو. هوڏانهن وزيراعظم شهباز شريف زرعي معيشت جي بهتري لاءِ هر سال 1000 گريجوئيٽ نوجوانن کي زرعي تربيت لاءِ چين اماڻڻ جو اعلان ڪيو آهي. ايڪسپو سينٽر ۾ ٻئي فوڊ اينڊ ايگريڪلچر نمائش کي خطاب ڪندي هن چيو ته حڪومت آبادگارن ۽ ايڪسپورٽرز کي سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي، هن چيو ته پاڪستان لاءِ نار وارن ملڪن ڏانهن زرعي شين جي ايڪسپورٽ جا ڪيترائي موقعا موجود آهن، جديد ٽيڪنالاجي جي مدد سان زرعي پيداوار کي وڌائي سگھجي ٿو، وفاق ۽ صوبن کي گڏجي زرعي شعبي کي اڳتي وڌائڻ تي ڌيان ڏيڻو پوندو، هن چيو ته زرعي معيشت جي ويليو ايڊيشن تي خاص ڌيان ڏيڻ گھرجي، هارين کي قرض فراهم ڪرڻ سان پيداوار ۾ اضافو ٿيندو، هن چيو ته بلوچستان ۾ 80 هزار ٽيوب ويلن کي شمسي توانائي تي منتقل ڪرڻ جي منظوري ڏني آهي.