وزارتن ۽ ڊويزنن کي اي آفيس تي منتقل ڪرڻ لاءِ 2 هفتا مهلت
آگسٽ 20, 2024
اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف وفاقي وزارتن ۽ ڊويزنن کي اي آفيس منتقل ڪرڻ جي حڪمن تي عمل نه ٿيڻ جو نوٽيس ورتو آهي
ذريعن جو چوڻ آهي ته وزيراعظم شهباز شريف سمورن وزارتن ۽ ڊويزنن کي هدايت ڪئي آهي ته فوري طور تي مينوئل فائلنگ سسٽم کي اي آفيس (اي فائلنگ) ڏانهن منتقل ڪيو وڃي
جڏهن ته هدايتن تي عمل لاءِ 2 هفتن جو وقت ڏنو ويو آهي، جن وزارتن ۽ ڊويزنن کي جزوي طور اي آفيس ڏانهن منتقل ڪيو ويو آهي انهن کي به 100 سيڪڙو منتقل ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي ڇو ته ڪيتريون ئي وزارتون ۽ ڊويزنون اڃا تائين مينوئل فائلنگ سسٽم استعمال ڪري رهيون آهن
ذريعن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته وزيراعظم آفيس سمورن وفاقي وزارتن ۽ ڊويزنن کي حڪمن تي عملدرآمد لاءِ خط لکي ڇڏيو آهي، ياد رهي ته وزيراعظم شهباز شريف 27 مارچ 2024ع تي سرڪاري آفيسن ۾ اي آفيس جلد لاڳو ڪرڻ جي هدايت ڪئي هئي