ٽرمپ جي هارائڻ تي آمريڪي چونڊ نتيجا رد ۽ وڳوڙن جو خدشو

نومبر 2, 2024

واشنگٽن / لنڊن (م ڊ) آمريڪا ۾ اهي ڳالهيون هاڻي سان ئي هلي رهيون آهن ته جيڪڏهن چونڊون ۾ ڊونلڊ هارايو ته آمريڪي چونڊ نتيجا رد ٿيڻ جو امڪان ۽ وڳوڙ ٿيڻ جو خدشو وڌي ويو، اڪثر ماڻهن جي راءِ آهي ته ٽرمپ کٽي چڪو آهي ڇاڪاڻ جو هاڻي مقابلو رهيو ئي ناهي. ماهرن ان ڳالهه طرف اشارو ڪيو ته فيڪ پولز ذريعي ٽرمپ جي حمايت وڌائي ڪري بيان ڪئي پئي وڃي، جنهن سبب کيس کٽڻ جي خوشفهمي آهي. برطانوي اخبار گارجين موجب ڊونلڊ ٽرمپ جي حامين چونڊن ۾ ڌانڌلين بابت جعلي ڪيس به داخل ڪرايا آهن. ان جو مقصد ماڻهن کي اهو باور ڪرائڻو آهي ته سندن محبوب ليڊر ٽرمپ جي غير معمولي اضافي جو سبب ان کي هارائڻ ۽ رستي تان هٽائڻ جي ڪوشش ڪري سگهجي ٿي، ريپبلڪن ڪارڪنن هاڻي کان چونڊ ڌانڌلين جو الزام هڻي رهيا آهن چونڊ مشنري تي ڌر هئڻ جي الزامن مان اهو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي ته ٽرمپ تمام گهڻو مقبول آهي ۽ ان کي رستي تان هٽائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. گارجين وڌيڪ لکي ٿي ته آمريڪا ۾ ري پبلڪن ٽرمپ ۽ ڊيموڪريٽ ڪملا هيرس جي وچ ۾ چوٽي جو مقابلو آهي، ڪيترن ئي نسلن کانپوءِ آمريڪا ۾ اهڙي صدارتي چونڊ ٿي رهي آهي جيڪا سڀني جي ڌيان جو مرڪز بڻيل آهي. 7 اهم رياستن جا نتيجا ڪجهه به ڪري سگهن ٿا انهن ۾ ٻنهي اميدوارن جي قطعي پوزيشن برابر آهي. ڊونلڊ ٽڙمپ ڪيرولائنا ۾ چونڊ ريلي کي خطاب ڪندي چيو ته اسان جي پوزيشن ان قدر واضح ٿي چڪي آهي جو هاڻي ته ڪو مقابلو رهيو ئي ناهي

Leave A Comment