عورتن جي عالمي ڏينهن تي قتل ڪيل ٻن نوجوان نارين جي جنازي نماز بعد تدفين

مارچ 9, 2024

نئون ديرو ۾ گذريل ڏينهن عورتن جي عالمي ڏينهن تي قتل ڪيل ٻن نوجوان نارين جي جنازي نماز بعد تدفين، 28 سالن جي ڪرن ۽ 23 سالن جي نسيم کوکر کي هٿياربندن گهر ۾ گهڙي فائرنگ ڪري قتل ڪيو هو، ٻنهي عورتن جي قتل جي الزام هيٺ آيل جوابدار ڌر جي نوجوان ڪاشف کوکر جو وڊيو بيان سامهون اچي ويو، ڪاشف کوکر جو چوڻ آهي ته ٻنهي نارين کي پنهنجن ئي وارثن ڪارنهن جي الزام هيٺ قتل ڪيو آهي، مقتول عورتن جي موبائيل فون مان نسيم کهڙو نالي شخص جو نمبر هٿ اچڻ بعد وارثن کين قتل ڪيو، نسيم کهڙو به ڪيترن ئي ڏينهن کان گم آهي، کيس مقتول نارين جي وارثن گهرائي قتل ڪرڻ بعد لاش دفنائي ڇڏيو آهي

Leave A Comment