عمر ايوب ۽ اسد قيصر جي اڳواڻيءَ ۾ اپوزيشن اتحاد وفد جي نيشنل پارٽي جي سربراهه ڊاڪٽر عبدالمالڪ بلوچ سان ملاقات

مَي 31, 2024

عمر ايوب ۽ اسد قيصر جي اڳواڻيءَ ۾ تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان جي وفد نيشنل پارٽي کي به اتحاد ۾ شموليت جي دعوت ڏئي ڇڏي، عمر ايوب ۽ اسد قيصر جي اڳواڻيءَ ۾ اپوزيشن اتحاد وفد جي نيشنل پارٽي جي سربراهه ڊاڪٽر عبدالمالڪ بلوچ سان ملاقات، ڊاڪٽر مالڪ بلوچ پارٽي جي مرڪزي ڪميٽي سان مشاورت لاءِ وقت گهري ورتو، عمر ايوب چيو ته اسان جي جدوجهد ملڪ ۾ حقيقي آزادي تائين جاري رهندي، جمهوريت ۾ پارليامينٽ جي بالادستي کي يقيني بڻائڻو پوندو، ڊاڪٽر مالڪ بلوچ چيو ته بلوچستان جو مسئلو سياسي آهي ۽ ان جو سياسي حل ڪڍڻ جي ضرورت آهي، وڏين پارٽين کي پنهنجو سياسي ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي

Leave A Comment