ايپڪس ڪميٽي سنڌ پاران ڪچي ۾ ڌاڙيلن ۽ سهولتڪارن خلاف سخت ڪارروائي شروع ڪرڻ جي عزم جو اظهار

مَي 2, 2024

ايپڪس ڪميٽي سنڌ پاران ڪچي ۾ ڌاڙيلن ۽ سهولتڪارن خلاف سخت ڪارروائي شروع ڪرڻ جي عزم جو اظهار، صوبي ۾ منشيات جي ڪاروبار خلاف وڏو ڪريڪ ڊائون شروع ڪرڻ تي به اتفاق، ڪور ڪمانڊر ڪراچي پاران منشيات خلاف آپريشن ۾ سنڌ سرڪار کي ڀرپور سهڪار فراهم ڪرڻ جو اعلان، وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ايپڪس ڪميٽي جو 31 هون اجلاس ٿيو، صوبائي گهرو وزير ضياءُ لنجار، شرجيل ميمڻ، ڪور ڪمانڊر ڪراچي، ڊي جي رينجرز ۽ آءِ جي سنڌ جي شرڪت، اجلاس کي خطاب ڪندي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته صدر آصف علي زرداري ڪچي ۾ ڌاڙيلن ۽ سهولتڪارن کي گرفتار ڪرڻ ۽ صوبي ۾ منشيات خلاف آپريشن تيز ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي، صدر زمينن تي قبضن کي برداشت نه ڪرڻ جوڳو قرار ڏنو آهي، صدر آصف زرداري جي هدايتن تي سنڌ حڪومت مڪمل عمل ڪندي، سنڌ حڪومت صوبي ۾ امن مان جي بحالي لاءِ سخت قدم کڻي رهي آهي، اسٽريٽ ڪرائيم ۽ اغوا جي وارداتن جي روڪٿام لاءِ مضبوط حڪمت عملي جوڙي وئي آهي، اجلاس ۾ صوبائي وزير شرجيل ميمڻ بريفنگ ڏيندي چيو ته منشيات جي ڪاروبار ۾ ملوث نائجيريا جي شهريءَ کي گرفتار ڪيو ويو آهي، حيدرآباد ۾ منشيات فروشن خلاف ڪريڪ ڊائون دوران 3 منشيات فروش مارجي ويا، اجلاس ۾ تعليمي ادارن اندر منشيات کان ٻارن کي محفوظ بڻائڻ جو فيصلو، وڏي وزير چيو ته منشيات جي عادي ماڻهن جي بحالي لاءِ ادارا قائم ڪيا وڃن، ڪور ڪمانڊر ڪراچي چيو ته طرفان منشيات خلاف آپريشن ۾ سنڌ سرڪار جي ڀرپور مدد ڪئي ويندي

Leave A Comment