متحده پاران نوان صوبا ۽ با اختيار مڪاني حڪومتن جو مطالبو، 27هين ترميم آڻڻ جو اعلان

آڪٽوبر 21, 2024

اسلام آباد: ايم ڪيو ايم سينيٽ ۾ وري نوان صوبا ٺاهڻ جو مطالبو ڪندي 27هين آئيني ترميم آڻڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

سينيٽ ۾ 26هين آئيني ترميمن دوران ڳالهائيندي سينيٽر فيصل سبزواري چيو ته مڪاني حڪومتن کي فعال ڪرڻو پوندو يا وري نوان صوبا ٺاهڻا پوندا

بدقسمتي سان مڪاني حڪومتن جو جيڪو قانون آهي، اهي اختيار ناهن ڏنا ويندا، ڪنهن به صوبي ۾ مڪاني حڪومتن کي اختيار نه ڏنا ويا

هن چيو ن ليگ جا ٿورا مڃان ٿو، قانون واري وزير درست ڳالهه ڪئي، هن چيو ته اسپيشل ڪاميٽي ڪم ڪندي رهندي ۽ مڪاني اختيار جو معاملو 27هين آئيني ترميم ۾ آندو ويندو

هن چيو ته آئيني ترميم ۾ سڀني جماعتن جيان ايم ڪيو ايم به پنهنجو حصو وڌو، اسان کان پڇيو ويو ته ترميم سان عوام جي ڪهڙي بهتري ٿيندي، عدالتن مان تڪڙو انصاف ملڻ شروع ٿيو ته اها عوام جي بهتري آهي

فيصل چيو ته علي ظفر چيو ته بل پڙهيو نه هوندو ته اسان به ان ئي ڪاميٽي ۾ هئاسين، جنهن تي پي ٽي آءِ وارن گوڙ ڪيو، سنڌ ۾ مڪاني نظام آئيني جي لحاظ کان ڪليئر ناهي، اسان ترميم ڏني آهي ته مڪاني نظام جا سبجيڪٽ واضح ڪريو، پاڪستان کي انتظامي يونٽن (صوبن) جي ضرورت آهي، اسان جي ترميم به هن ۾ شامل ڪريو

Leave A Comment