متحده پاران رينجرز کي سڄي سنڌ ۾ آپريشن جا اختيارڏيڻ جي گهر

اپريل 8, 2024

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ايم ڪيو ايم سنڌ ھاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس کان مطالبو ڪيو آهي ته ڪراچي بدامني ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي وڃي، جڏهن ته  حڪومت رينجرز کي سڄي سنڌ ۾ ڪاررواين جا اختيار ڏئي ڪالهه   ايم ڪيو ايم اڳواڻن فيصل سبزواري ۽ خواجا اظهار الحسن پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته سنڌ حڪومت پنهنجي اليڪشن واري ڪاميابي جي خمارن مان اڃا تائين ناھي نڪتي، گذريل ڏينهن چيف جسٽس پوري انتظاميا کي گھرائي سوال جواب ڪيا، سنڌ جا ڪيترائي آءِ جي ھتي ايس ايس پي کان وٺي ڊي  آءِ جيز رھيا،  پوءِ آءِ جي ٿيا آھن پر ڪيترائي ڀيرا ڏوھاري به پوليس جي صفن مان ئي مليا آھن ـ ھنن چيو ته وفاقي گھرو وزير  ڪراچي اچي  سنڌ جي وڏي وزير سان ويھي صورتحال جو جائزو ورتو، هن امن امان برقرار رکڻ لاءِ ڪاميٽيون به جوڙيون  پر صوبي ۾بدامني برقرار آھي،  پوليس وري عيد جي خرچي اوڳاڙڻ ۾ پوري آھي،  ڏوھارين خلاف ڪا ڪارروائي نٿي ٿئي،  ھنن چيو ته اربين روپين جا موبائيل فون ۽ ٻيو سامان کسجي رھيو آھي ـ ڇا ڪير سوچي سگھي ٿو ته چوري ٿيل موٽر سائيڪلن جو سامان پوليس جي سرپرستي کانسواءِ وڪرو ٿي سگھي ٿو؟  ھن سنڌ جي گھرو وزير سان مخاطب ٿيندي چيو ته اوھان گھرو وزير ڀلي ٿيو پر پنهنجو رويو به درست ڪريو،  اوهان ھاڻي ڪنهن جا ڪوآرڊينٽر  نه پر سڄي سنڌ جا گھرو وزير آھيو،  ھنن ھاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس کان مطالبو ڪيو ته ڪراچي بدامني ڪيس لڳايو، ڦورن جا پروفائيل چيڪ ڪيا وڃن ته اھي ڪٿان اچن ٿا؟  خواجا اظهار الحسن چيو ته سنڌ جو وڏو وزير چئي رھيو ھو ته جيڪڏهن آءِجي سنڌ جي مقرري ۾ دير ٿي ته امن امان جو مسئلو ٿي ويندو، وفاقي حڪومت کي بليڪ ميل ڪري پنهنجي پسند جو آءِ جي لڳرايو، جنهن بعد ڪراچي کان ڪشمور تائين ڪچي توڙي پڪي جي ڌاڙيلن ۾ خوشي جي لھر ڇانئجي وئي،  ھن چيو ته لڳي ٿو ته ڏوھارين کي لائسنس ٽو ڪل ( ماڻهو مارڻ جو لائسنس ) ملي ويو آهي، ھن مطالبو ڪيو ته رينجرز کي سڄي سنڌ ۾ ھڪ جھڙا اختيار ڏنا وڃن

Leave A Comment