متحده جو مطالبو منظور؟ ڪراچي سميت 5 ڊويزنل هيڊڪوارٽرن لاءِ پيڪيج جو آسرو، لاڙڪاڻو نظرانداز

جُون 13, 2024

اسلام آباد: وفاقي حڪومت ڪراچي ۾ آءِ ٽي پارڪ ٺاهڻ ۽ ڪراچي پيڪيج سميت سمورن ڊويزنل هيڊڪوارٽرن لاءِ پيڪيج ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي پر نه ته رقم رکي وئي آهي ۽ نه ئي تفصيل ٻڌايا ويا آهن جڏهن ته لاڙڪاڻي کي ڪنهن به پيڪيج ڏيڻ کان نظرانداز ڪيو ويو آهي. بجيٽ تقرير ۾ ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب چيو ته ڪراچي نه رڳو ملڪ جو سڀ کان وڏو شهر آهي پر ملڪ جي اقتصادي ترقي ۾ ڪراچي شهر اهم ڪردار ادا ڪندو آهي. ان لاءِ اهو ضروري آهي ته سمورن اسٽيڪ هولڊرز جي صلاح سان ڪراچي جي انفرااسٽرڪچر کي جدت طرف وٺي وينداسين. ان لاءِ هڪ جامع ڪراچي پيڪيج ڏيڻ جي تجويز آهي جنهن سان گڏ حيدرآباد، ميرپورخاص، سکر ۽ بينظيرآباد لاءِ به منصوبا جوڙڻ جي تجويز آهي. ائين کي ڪراچي کي پاڻي جي فراهمي بهتر بڻائڻ لاءِ ڪي 4 منصوبي لاءِ ڳري رقم رکڻ جي تجويز آهي ته جيئن هن اهم منصوبي کي مڪمل ڪيو وڃي. هن اهو به اعلان ڪيو ته ڪراچي ۾ آءِ ٽي پارڪ جوڙڻ لاءِ 8 ارب رپيا فراهم ڪيا ويندا. ياد رهي ته ڪراچي، حيدرآباد، ميرپورخاص، سکر ۽ نوابشاهه کي ايم ڪيو ايم وارا پنهنجا شهر قرار ڏيندا آهن ۽ اهي ڊوميسائل جي حساب سان شهري سنڌ جو حصو آهي انهن شهرن لاءِ پيڪيج کي ايم ڪيو ايم جو مطالبو مڃڻ قرار ڏنو پيو وڃي.

Leave A Comment