متحده جا پويان پير: ن ليگ سان ناراض: پ پ سان گڏجي ڪم ڪرڻ تي راضي
مَي 2, 2024
ڪراچي: متحده جا پويان پير: پ پ سان گڏجي قوم جي خدمت ڪرڻ تي راضي، ان ڏس ۾ ايم ڪيو ايم جي ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي، مصطفيٰ ڪمال ۽ ڊاڪٽر فاروق ستار جي سربراهي ۾ وفد ڪالهه وزيراعليٰ هائوس ۾ صدر آصف علي زرداري سان ملاقات ڪئي. ذريعن موجب ايم ڪيو ايم ۽ پيپلز پارٽي وچ ۾ برقرار ڊيڊلاڪ ڪالهه ان وقت ختم ٿي ويو، جڏهن ته ايم ڪيو ايم نواز ليگ جي رويي بعد پنهنجي حڪمت عملي تبديل ڪرڻ شروع ڪر ي ڇڏي. صدر آصف علي زرداري سان ايم ڪيو ايم وفد جي ملاقات دوران ذريعن جو چوڻ آهي ته ايم ڪيو ايم ۽ پيپلز پارٽي وچ ۾ گڏجي عوامي خدمت ڪرڻ تي به اتفاق ٿي ويو آهي. جڏهن ته ايم ڪيو ايم وفد ڪراچي شهر ۾ وڌندڙ اسٽريٽ ڪرائيم تي صدر اڳيان پنهنجا خدشا رکيا. ايم ڪيو ايم وفد پاران صدر اڳيان سفارش رکي وئي ته اسٽريٽ ڪرائيم جي خاتمي لاءِ هر ممڪن قدم کنيا وڃن، ذريعن جو چوڻ آهي ته ايم ڪيو ايم هاڻي تمام سياسي جماعتن سان عوامي ۽ سياسي مسئلن تي ڳالهيون ڪرڻ تي به غور شروع ڪري ڇڏيو آهي. ذريعن جو اهو به چوڻ آهي ته ايم ڪيو ايم قيادت نواز ليگ جي قيادت کان مايوس ٿيل آهي.