متحده اڳواڻ مصطفيٰ ڪمال توهين عدالت نوٽيس تي غير مشروط معافي وٺي ڇڏي
جُون 4, 2024
متحده اڳواڻ مصطفيٰ ڪمال توهين عدالت نوٽيس تي غير مشروط معافي وٺي ڇڏي، سينيٽر فيصل واوڊا پاران غير مشروط معافي وٺڻ کان انڪار، مصطفيٰ ڪمال سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري پهچي پنهنجو حلفيه بيان جمع ڪرائي ڇڏيو، مصطفيٰ ڪمال حلفيه بيان ۾ موقف اختيار ڪيو ته عدليا ۽ ججز جي اختيارن ۽ ساک کي بدنام ڪرڻ جو تصور به نه ٿو ڪري سگهان، 16 مئي جي پريس ڪانفرنس تي غير مشروط معافي گهران ٿو، سينيٽر فيصل واوڊا سپريم ڪورٽ ۾ جواب جمع ڪرائيندي غير مشروط معافي وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، فيصل واوڊا چيو آهي ته منهنجي پريس ڪانفرنس جو مقصد عدليا جي توهين ڪرڻ نه پر ملڪ جي بهتري هو، تازو چيف جسٽس به چيو ته عدليا کي پنهنجون غلطيون تسليم ڪرڻ گهرجن، فيصل واوڊا پاران جمع ڪرايل جواب ۾ توهين عدالت جو نوٽيس واپس وٺڻ جي استدعا، مصطفيٰ ڪمال ۽ فيصل واوڊا کي توهين عدالت ڪيس ۾ شوڪاز نوٽيس جاري ڪيا ويا هئا