گڏيل قومن عمران خان جي آزادي جو مطالبو ڪري ڇڏيو، پاڪستان انساني حقن جو احترام ڪري: آمريڪا

جُولاءِ 2, 2024

جنيوا/واشنگٽن(م ڊ) گڏيل قومن جي انساني حقن واري اداري اڳوڻي وزيراعظم عمران خان کي قيد ڪرڻ کي عالمي قانون جي ڀڃڪڙي قرار ڏئي ڇڏيو. جڏهن ته آمريڪا جي پارليامينٽ بعد حڪومت به پاڪستاني حڪومت کان انساني حقن جي احترام ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي. گڏيل قومن جي آربٽرري ڊٽينشن تي جڙيل ورڪنگ گروپ پنهنجي تبصري ۾ چيو آهي ته عمران خان جي گرفتاري ۽ کيس قيد رکڻ عالمي قانون جي ابتڙ آهي ان جو بهترين ازالو اهو آهي ته کيس فوري طور تي آزاد ڪيو وڃي ۽ کيس قانون موجب معاوضو ۽ ٻيون ادائگيون ڪيون وڃن. رپورٽ موجب عمران کي قيد ڪرڻ جو ڪو قانوني جواز نه آهي. ان جو مقصد رڳو کيس وزيراعظم جي سياسي آفيس لاءِ چونڊ وڙهڻ کان روڪڻ هو. کيس مليل سزا قانون جي بنياد تي نه هئي ۽ سياسي مقصدن لاءِ ڏياري وئي هئي. ٻئي طرف آمريڪا جي پرڏيهي کاتي جي نائب ترجمان ويدانت پٽيل پريس بريفنگ ۾ چيو ته پاڪستان تي آمريڪا جا عملدار زور ڏيندا آهن ته انساني حقن جي پاسداري ڪئي وڃي، اسان جي نظام ۾ ڪانگريس الڳ ادارو آهي، پاڪستان ۾ چونڊن جي شفافيت واري معاملي تي ڳڻتي کان آگاهه ڪري چڪا آهيون. اسان لاڳيتو پاڪستان تي انساني حقن تي عمل ڪرڻ تي زور ڀريندا رهيا آهيون. جنهن ۾ مذهبي آزادين وارا معاملا به شامل آهن

Leave A Comment