متحده پوليس کي تڪراري بڻائي ڏوهارين کي فائدو پئي پهچائي: گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار

اپريل 8, 2024

ڪراچي: سنڌ جي گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار ايم ڪيو ايم اڳواڻن جي پريس ڪانفرنس تي ردعمل جو اظهار ڪندي چيو آهي ته سنڌ حڪومت جي پهرين ترجيح صوبي ۾ امن امان قائم ڪرڻ آهي، پارٽي جي اعليٰ قيادت جي ڪوشش آهي ته صوبي مان ڌاڙيلن جو خاتمو ڪيو وڃي، الحمدالله اسان کي پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن تي اعتماد آهي. هن چيو ته امن امان جي قيام ۾ سيڪيورٽي فورسز سان گڏ پوليس اهلڪار ۽ آفيسر به شهيد ٿيا آهن، ايم ڪيو ايم پوليس فورس کي تڪراري بڻائي ڏوهارين کي فائدو پهچائي رهي آهي، آءِ جي سنڌ پوليس سٺي شهرت رکندڙ آفيسر آهي، سمورا ادارا امن جي قيام لاءِ سنجيده آهن. هن چيو ته ايم ڪيو ايم حڪومت ۾ هوندي آهي ته سڀ ڪجهه سٺو هوندو آهي پر جڏهن اقتدار کان ٻاهر هوندي آهي ته ان کي سڀ ڪجهه خراب نظر ڇو ايندو آهي؟ هن چيو ته ڪراچي جي عوام پيپلز پارٽي تي اعتماد ڪيو آهي، هتي جو ميئر به پيپلز پارٽي جو آهي، ڪراچي جي عوام کي ڪڏهن به مايوس نه ڪنداسين، هن چيو ته جيڪي ماڻهو هن اهم مسئلي تي سياست ڪري رهيا آهن، انهن کي ڪم ڪري ڏيکارينداسين ۽ اهي مايوس ٿي ويندا،  ايم ڪيو ايم ڄاڻي وٺي ته چور ۽ ڌاڙيلن ڪا به ذات ناهي، اهي رڳو اسان جي نظر ۾ ڌاڙيل آهن، اسان  ڦورن ۽ معصوم شهرين جي زندگين سان کيڏڻ وارن کي منهن ڏيڻ ڄاڻون ٿا، ڪنهن شهري جي جان جي ضايع ٿيڻ تي اسان کي توهان کان وڌيڪ ڏک ٿيندو آهي. هن چيو ته دنيا کي خبر آهي ته ڪير واڳون وارا ڳوڙها  ڳاڙهي ٿو، امن قائم ڪرڻ اسان جي ذميواري آهي، جنهن کي چڱي ريت نڀائيندا سين. هن چيو ته ايم ڪيو ايم وارا صبر ڪن، ڌاڙيلن ۽ ڦورن جو جلد خاتمو ڪنداسين. هن چيو ته موبائل چورن کان نجات حاصل ڪرڻ لاءِ حڪمت عملي تي ڪم ڪيو پيو وڃي،  انشاءَ الله حڪومت ۽ عوام گڏجي سڄي صوبي ۾ امن قائم ڪندا

Leave A Comment