بدامني سبب نوجوان ملڪ پيا ڇڏين: فورسز نه هجن ها ته بهتر هو، اربين خرچڻ جو ڪهڙو فائدو ؟ هاءِ ڪورٽ

جُولاءِ 31, 2024

ڪراچي(رپورٽ: عرفان شاهه ) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس ڪوثر سلطانه ڪراچي مان اغوا ٿي لاهور ۾ پنهنجن وارثن سان ملندڙ نيڪسٽ ڪولا جي مالڪ ذوالفقار احمد واري ڪيس جي ٻڌڻي دوران ريمارڪس ڏيندي چيو آهي ته موجوده  حالتن ۾ فورسز نه هجن ها ته بهتر هو، فورسز تي اربين رپيا خرچ ڪرڻ جو ڪهڙو فائدو ؟ اربين  رپين جي بجيٽ هوندي رينجر ز ۽ پوليس ڇا پيون ڪن ؟ ڪالهه ٻڌڻي دوران اسسٽنٽ پراسيڪيوٽر جنرل سنڌ عدالت کي ٻڌايو ته هي مسنگ پرسنس جو ڪيس آهي، اهي مسنگ پرسنسس واپس اچي ويا آهن، جنهن تي  جسٽس ڪوثر سلطانه پڇاڻو ڪندي چيو ته وڏو گوڙ متل آهي، رينجرز جو وڪيل ڪٿي آهي؟ ڇا هي ڀنگ لاءِ اغوا جو ڪيس هو؟  جنهن تي درخواستگذار جي وڪيل چيو ته گم ٿيل (ذوالفقار) کي ڪراچي مان کنيو ويو، اهو مليو وري لاهور مان آهي، جنهن تي جسٽس ڪوثر سلطانه ريمارڪس ڏيندي چيو ته اهڙي صورتحال سبب ڪاروباري ماڻهو هتان وڃي رهيا آهن، درخواست گذار جي وڪيل چيو ته نيڪسٽ ڪولا ڪمپني جي مينيجر ۽ ڊپٽي مينيجر کي به کنيو ويو آهي، ٻڌڻي دوران سرڪاري وڪيل چيو ته رينجرس انهي ڪيس ۾ ڌر ناهي، جسٽس ڪوثر سلطانه چيو ته شايد اسان پيپسي وغيره پيئڻ ڇڏي ڏني آهي، جيڪڏهن ڪجهه ڪرڻو هو ته  رمضان مهيني ۾ ڪن ها؟اربن رپين جي بجيٽ هوندي رينجرز ۽ پوليس ڇا پيون ڪن ؟ عدالت جاچ آفيسر کان پڇاڻو ڪندي چيو ته توهان هن وقت تائين ڪهڙي جاچ ڪئي آهي? جاچ آفيسر ٻڌايو ته درخواست گذار پاران ڪو به پيش ناهي ٿيو ۽ نه ئي وري ڪنهن بيان ڏنو آهي، درخواست گذار جي وڪيل چيو ته ذوالفقار احمد پاڻ عدالت ۾ پيش ٿي بيان رڪارڊ ڪرائيندو،في الحال هو بيان رڪارڊ ڪرائڻ جي پوزيسن ۾ ناهي، پوليس ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ مختلف بهانا ڪري رهي آهي، وقت تي ڪيس داخل ناهي ڪيو ويو، جنهن تي عدالت چيو ته اسان جا ٻار ملڪ ڇڏي رهيا آهن،رڳو هڪ موبائل ڪري سندن جانيون خطري ۾ آهن، والدين پريشان  رهن ٿا ته هڪ موبائل ڪري ٻارن کي ڪير ماري نه ڇڏي، ماڻهن تحفظ لاءِ پنهنجا پرائيويٽ گارڊ رکيا آهن، هنن بينڪ اڪائونٽس خالي ڪري ڇڏيا آهن، عدالت پوليس عملدارن کان پڇاڻو ڪندي چيو ته ڇا اغوا ڪندڙ اوهان کان وڌيڪ مضبوط آهن؟ اهڙي صورتحال ۾ فورسز نه هجن ها ته بهتر هو، انهن تي  اربين رپيا خرچ ڪرڻ جو ڪهڙو فائدو؟ عدالت ايس ايچ او کي هدايت ڪندي چيو ته جيڪڏهن هاڻ ذوالفقار احمد يا سندس آفيس جو ڪو به ماڻهو اغوا ٿيو ته انهي جو ڪيس ايس ايچ او تي داخل ڪيو ويندو، درخواستگذار جي وڪيل عدالت کي چيو ته ذوالفقار احمد کي پيش ٿيڻ لا۽ تاريخ ڏني وڃي، جنهن تي عدالت چيو ته درخواست جو مقصد پورو ٿي چڪو آهي توهان هاڻ انويسٽيگيشن پوليس سان رابطو ڪريو،ٻڌڻي دوران ايس ايچ او ڪلري پيش ٿيو، عدالت ايس ايچ او کان پڇاڻو ڪندي چيو ته هي ڪهڙو واقعو پيش آيو آهي؟ ايس ايچ او چيو ته اسان کي صرف هڪ درخواست ڏني وئي ٻيو ڪجهه به نه چيو ويو، ڪجهه وڪيل ٿاڻي ۾ آيا، هڪ درخواست ڏئي چيو ته اسين ڪيس داخل نه ڪرائينداسين، عدالت وينداسين، عدالت ۾ درخواست ڏيڻ کان اڳ اهي ٿاڻي نه آيا هئا،  درخواستگذار جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ ٿاڻي تي ويا هئاسين پر پوليس ڪيس داخل ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، جنهن تي ايس ايچ او چيو اسان شڪايت ڪندڙ مينيجر جو اٿارٽي ليٽر گهريو هو،جيڪو ماڻهو هنن سان گڏ هو، اهو ڪيس داخل ڪرائڻ لا۽ نه آيو هو، عدالت پڇاڻو ڪندي چيو ته ڇا ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ اٿارٽي ليٽر ضروري آهي? ڏينهن ڏٺي جو اهو سڀ ڪجهه ٿيو، توهان کي خبر ئي نه پئي، عدالت چيو ته ڪير ڪيس داخل ڪرائيندو ۽ ڪير نه ڪرائيندو؟ توهان ڪڏهن کان اهڙا فيصلا شروع ڪيا آهن؟ درخواستگذار جي وڪيل چيو ته ذوالفقار احمد عدالت ۾ پيش ٿي بيان ڏيندو، عدالت چيو ته هو هاڻ انويسٽيگيشن پوليس سان رابطو ڪري، توهان ڇو ٿا چاهيو ته ذوالفقار احمد عدالت ۾ پيش ٿئي؟  جنهن تي درخواستگذار جي وڪيل چيو ته خدشو آهي ته ذوالفقار احمد کي ٻيهر نه کنيو وڃي، عدالت چيو ته جيڪڏهن ذوالفقار احمد يا سندس ڪنهن ماڻهو کي کنيو ويو ته ذميداري ايس ايچ او مٿان هوندي، عدالت چيو ته انهن علائقن ۾ سي سي ٽي وي ڪيميرائون ته لڳل هونديون يا نه ؟ عدالت ذوالفقار احمد جي بازيابي واري درخواست اڪلائي ڇڏي.

لاڳاپيل پوسٽون

  • لاڙڪاڻو: نينگر رائيس ڪئنال ۾ ٻڏي فوت

  • خيرپور: ميرواهه ڪئنال مان هٿ آيل لاش جي سڃاڻپ

  • وياج جي شرح 11 سيڪڙو برقرار

  • وڳڻ ڀرسان حادثو، هڪ ڄڻو فوت، 3 زخمي