غوثپور ۾ بدامني ۽ پوليس جي مبينا زيادتين خلاف انڊس هاءِ تي ڌرڻو: ٽريفڪ معطل
جُون 12, 2024
غوثپور ۾ بدامني ۽ پوليس جي مبينا زيادتين خلاف انڊس هاءِ تي ڌرڻو، چئني صوبن ڏانهن ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل، جي يو آءِ ۽ اوڳاهي برادري ٽينٽ لڳائي انڊس هاءِ وي بلاڪ ڪري ڇڏيو، ٽائرن کي باهيون، ٻنهي پاسن کان گاڏين جون قطارون لڳي ويون، احتجاج ڪندڙن جو چوڻ آهي ته پوليس عباس اوڳاهي ۽ جي يو آءِ جي يوسي چيئرمين فاروق ڀيو جي ڀاءُ محسن ڀيو کي کنڀي گم ڪري ڇڏيو آهي، پوليس ڏوهارين آڏو بيوس بڻيل آهي، آءِ جي سنڌ نوٽيس وٺي بدامني تي ضابطو آڻي ۽ کنڀي گم ڪيل ٻنهي ڄڻن کي آزاد ڪرائي