بدامني سٽيل ڪنڌڪوٽ جو عوام ضلعي ۾ امن لاءِ رستن تي نڪري آيو

اپريل 26, 2024

بدامني سٽيل ڪنڌڪوٽ جو عوام ضلعي ۾ امن لاءِ رستن تي نڪري آيو، ڌاڙا قتل ۽ ڦرون نه کپن، امن جي ڌرتيءَ تي امن کپي جا نعرا، امن بحالي تحريڪ جي سڏ تي شهرين، سياسي سماجي تنظيمن جي ڪارڪنن ۽ اڳواڻن جي ڊي سي آفيس کان پريس ڪلب تائين ريلي، ريلي کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته ضلعي مان ڦرن، ڌاڙن ۽ اغوا جي وارداتن جو خاتمو آڻي ضلعي کي امن جو ڳڙهه بڻايو وڃي، اڳواڻن چيو ته ضلعي ۾ جاري قبيلائي جهيڙن ۽ تڪرارن جي خاتمي تائين امن نه ٿيندو، ڪشمور ڪنڌڪوٽ ضلعي جي شهرين جي ريلي هڪ عوامي ريفرينڊم آهي، سنڌ سرڪار ۽ واڳيل ڌرين کان اغوا ٿيل سمورا شهري بازياب ڪرائڻ ۽ فوري امن جو قيام يقيني بڻائڻ جو مطالبو

Leave A Comment