بدامني ڇو؟ شڪارپور، خانپور ۽ ڪراچي ۾ ريليون، مظاهرا ۽ ڌرڻا: پوليس تي بي اعتمادي: تحريڪ جو اعلان

آڪٽوبر 7, 2024

ڪراچي/ شڪارپور (نمائندن وٽان )شڪارپور ۾ بدامني جو راڄ، شڪارپور، خانپور ۽ ڪراچي ۾ ريليون، مظاهرا ۽ ڌرڻا: تحريڪ هلائڻ جو اعلان، ان ڏس ۾ شڪارپور ۾ بدامني  خلاف سول سوسائٽي پاران ڪراچي پريس ڪلب آڏو مظاهرو ڪيو ويو، جنهن ۾ مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهن  وڏي تعداد ۾ بينر هٿن ۾ کڻي شرڪت ڪئي، سول سوسائٽي جو اڳواڻن لالا حسن پٺاڻ ،  محمد پريل مري، سجاد بلو، شيما ڪرماڻي،  فھميده رياض،  نجمه  مھيشوري ۽ ٻين خطاب ڪندي  چيو ته شڪارپور ۾ امن امان جي صورتحال خراب آھي  قبيلائي جهيڙن، اغوا، ڦرن ،ڌاڙن جهڙن ڏوهن ۾ ڏينهون ڏينهن اضافو ٿي رهيو آهي پر انتظاميا خاموش آهي,  اغوا ٿيل معصوم ٻارڙو وليد  اڃا تائين بازياب نه ٿي سگهيو آهي. هنن چيو ته سنڌ حڪومت ۽ قانون نافد ڪندڙ ادارا شڪارپور ۾ امن ڪرائين ته جيئن عام ماڻهو سک جو ساهه کڻي سگهي، ھنن مطالبو ڪيو ته شڪارپور ۾ ڏوهارين خلاف آپريشن ڪري سنڌ مان انتھا پسندي جي خاتمي لاءِ قدم کنيا وڃن،  هوڏانهن شڪارپور ۾ وڌنڌڙ بدامني خلاف ايڪشن ڪاميٽي جي سڏ تي سوين شھرين حمير چانڊيو، آغا قمر مشواڻي، ممتاز منگي، زبير سومرو، امجد بلوچ، عبدالسميع ڀٽي سلطان رند  ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مظاھرو ڪري ڌرڻو ھنيو، احتجاج ۾ دنيا ۾ ڊگهي قد سبب مشهور نصير سومرو خاص طور تي شريڪ  ٿيو، ڌرڻي کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته پوري ضلعي ۾ بدامني جي باھه ٻريل آھي، چئن سالن جو وليد ميمڻ ۽ ٻن سالن جو ناصر بکراڻي ٻن ھفتن کان اغوا ٿيل آھن، سندن بازيابي لاءِ  انتظاميا ڪک ڀڃي ٻيڻو ناهي ڪيو، چونڊيل نمائندا پڻ شڪارپور ضلعي کي ڏوھارين حوالي ڪري ننڊ سمھي پيا آھن، هنن چيو ته ڏهاري مافيا وري شڪارپور جي پورھيت غريب طبقي ۽ شھر واسين کي ٽارگيٽ بڻائي رهي آهي،  ڏوھن ۾ واڌ سبب نياڻيون، ٻار ۽ شريف شهري غير محفوظ آھن، هنن چيو ته شڪارپور ۾ بدامني جا ذميوار ڀوتار، سردار، چونڊيل نمائندا ۽ پوليس آفيسر آھن ، ايس ايس پي شڪارپور پوليس ۾ موجود ڪارين رڍن ۽ ڏوھارين کي کليل ڇوٽ ڏئي ڇڏي آھي، ٿاڻن تي مقرر ايس ايڇ اوز ڏوھارين جا ساٿاري آھن، ھنن چيو ته شڪارپور ۾ امن نه ٿيو ته احتجاجي تحريڪ شروع ڪنداسين، هوڏانهن  خانپور ۾ شھري اتحاد جي سڏ تي معصوم وليد ميمڻ ۽ ۽ ڏيڍ سال جي ناصر بکراڻي جي بازيابي لاءِ  عيدگاھه کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي سخت نعريبازي ڪئي وئي، ريلي کي سليم آرائين، زوار اصغر سيٺار، جي ايم ابڙو، مولانا عنايت الله بروھي، خان محمد نوحاڻي، سيف اڪبر آرائين، ولي الله پھوڙ ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته خانپور سميت شڪارپور ضلعو ڏوھارين حوالي ٿيل آھي، جڏهن ته  پوليس وري ڏوھارين جي ساٿاري بڻيل آهي آھي، هنن چيو ته شڪارپور جي اسڪول مان اغوا ٿيل معصوم وليد ميمڻ کي پوليس ٻه ھفتا گذرڻ باوجود بازياب ڪرائي ناهي سگھي، 25 ڏينھن اڳ اغوا ٿيل ناصر بکراڻي به آزاد ناهي ٿيو ھنن چيو ته خانپور ۾ چوريون، ڦرون ۽ اغوا، روز جو معمول بڻيل آھي، شھر ۾ ڏوھاري عام دڪاندارن کان ڀتو وصول ڪن ٿا، انهي تي  چونڊيل نمائندن جي خاموشي سواليه نشان بڻيل آھي، هنن شڪارپور جو امن بحال ڪرائڻ لاءِ تحريڪ هلائڻ جو اعلان ڪيو.

شڪارپور ۾ 21 ماڻهو اغوا ٿيا، ڀنگ عيوض آزاد

شڪارپور: گذريل ھڪ مھيني دوران   شڪارپور شهر سميت  ضلعي مان 21 ماڻهن کي اغوا ڪري ڀنگ عيوض آزاد ڪيو ويو، ٻن معصوم ٻارڙن سميت 5 ڄڻا اڃا تائين ڌاڙيلن وٽ قيد آھن، گهرن مان ڌاڙن، مسافر گاڏين توڙي دڪانن ۽ مارڪيٽن مان 240 کان وڌيڪ ڦر لٽ ۽ ڌاڙن جا واقعا پيش آيا آهن، ان ٿوري عرصي دوران 90 کان وڌيڪ موٽرسائيڪلون ڦريون ۽ چوري ڪيون ويون آهن

“پوليس جي نااهلي سبب ڏوهه پيا ٿين”  ڊگهي قد واري نصير سومرو جو خطاب

شڪارپور: دنيا جي ڊگهي قد جو اعزاز رکندڙ نصير سومرو  امن ايڪشن ڪميٽي جي لڳايل احتجاجي ڌرڻي کي خطاب ڪندي چيو ته شڪارپور شهر ماضيءَ ۾ نهايت ئي خوبصورت هو، جيڪو هاڻي بدانتظامي ۽ بدامنيءَ سبب تباھ ٿي ويو آهي، شهر جا اصل ڌڻي لڏي رهيا آهن، هن شهر جي مالڪي لاءِ ٿيندڙ جدوجهد اڃان تيز ڪئي وڃي، هتان جي پوليس ناڪاره بڻجي وئي آهي، جنهن سبب ڏوھاري آساني سان ڏوھ ڪري وڃن ٿا.

شڪارپور جا ماڻهو ساٿ ڏين، باقي ٽڪي جا لوفر ڪجھه نٿا بگاڙي سگهن: ايس ايس پي

شڪارپور: ايس ايس پي شڪارپور شاھزيب چاچڙ ٻڌايو ته شڪارپور جا ماڻھو منھنجو ساٿ ڏين ته ٽڪي جا لوفر اسان جو ڪجھه به نٿا بگهاڙي سگھن، ڏوھارين خلاف آپريشن ھلندڙ آھي جلد سمورن ڏوھارين کي منتقي انجام تائين پھچائي ويندو، ھن چيو ته عوام کي اسان مان اميد رکڻ گھرجي فتح اسان جي ٿيندي، ڏوھارين سان وڙھي رھيا آھيون، ٻئي پاسي پوليس ۾ موجود ڪارن رڍن کي به ناھي بخشيو، اغوا ٿي ويل معصوم ٻارڙن کي جلد بازياب ڪرايو ويندو.

ناصر بکراڻي بيمار هو، ڪا خبر ناهي ٻچڙو ڪهڙي حالت ۾ هوندو؟: والد

شڪارپور: معصوم ٻالڪ ناصر معاويه بکراڻي جي پيءُ چيو ته اسانجي گهر ۾ ڪهرام متل آهي، جڏهن کان ظالمن معصوم کي زوري کڻي گم ڪيو آهي تڏهن کان اسان جي فيملي جو ننڊ آرام حرام آهي، اسانجو ٻچڙو بيمار هو، ڪا خبر ناهي ڪهڙي حالت ۾ هوندو، خدارا اسانکي ٻچڙو موٽائي ڏيو

هڪڙو ئي پٽ آهي، وليد کي بازياب ڪرايو وڃي: وحيد ميمڻ جي اپيل

شڪارپور: معصوم وليد ميمڻ جي والد وحيد ميمڻ ٻڌايو ته منھنجي معصوم پٽ وليد کي 2 ھفتا گذري چڪا آھن پر پوليس اڃا تائين منھنجي ٻچڙي کي بازياب ناھي ڪري سگھي ھن ٻڌايو ته منھنجو ھڪڙو ئي پٽ آھي جنھن کي به ظالم ڌاڙيل اغوا ڪري کڻي ويا آھن، خدا جي واسطي ايس ايس پي شڪارپور، ڊي آئي جي لاڙڪاڻو منھنجي معصوم کي بازياب ڪرائي ڏين

Leave A Comment