سنڌ ۾ 300يونٽ تائين بجلي مفت ڏبي، سڀني کي نوڪريون نٿا ڏئي سگهون، ڌاڙيلن وارو معاملو وڌائي پيش ڪيو وڃي ٿو: مراد علي شاهه
مَي 13, 2024
حيدرآباد (رپورٽ: فيض کوسو) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ جي حصي جو پاڻي ڪنهن به صورت ۾ گهٽ ۾ ٿيڻ نه گهرجي، 1991ع واري پاڻي ٺاهه ۾ هر شيءَ موجود آهي، پاڻي ٺاهه کان انڪار غيرقانوني هوندو، چولستان جي زمين کي آباد ڪرڻ لاءِ پنجاب جي رٿائن خلاف سي سي آءِ سان رجوع ڪنداسين، اين ايف سي ايوارڊ مان صوبن جي ڪٽوتي نٿي ڪري سگهجي، صوبن جي حصي کي آئين جي 18هين ترميم ۾ تحفظ حاصل ٿيل آهي، ٻوڏ متاثرن لاءِ 21 لک گهر جوڙڻ جي رٿا شروع ڪئي وئي آهي، 6 لک گهرن تي ڪم هلندڙ آهي ۽ هڪ لک گهر جڙي راس به ٿي چڪا آهن، امن امان جي صورتحال جيتوڻيڪ اطمينان بخش ڪونهي پر سنڌ حڪومت به هٿيار ڦٽا نه ڪيا آهن. اهڙو اظهار هن حيدرآباد جي دوري دوران پريس ڪلب ۾ ميٽ دي پريس کي خطاب ڪندي ڪيو. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته 2024ع جي چونڊن ۾ سنڌ جي ماڻهن پيپلزپارٽي کي ڀرپور ڪاميابي ڏياري. ان ڪاميابي تي پ پ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته وڏو وزير پنهنجي ڪابينا سميت هر ضلعي ۾ وڃي ڪارڪنن سان صلاح مشورو ڪري. چيئرمين جو چوڻ آهي ته هاڻي ڪارڪنن جي تجويزن تحت حڪومت هلندي. اسان چيئرمين جي هدايت تحت هر ضلعي ۾ وڃي ڪارڪنن کان تجويزون وٺي رهيا آهيون. هن چيو ته پيپلزپارٽي جي سنڌ ۾ ڪاميابي سبب آصف علي زرداري ٻيو ڀيرو صدر منتخب ٿيو آهي. وڏي وزير سنڌ حڪومت جي مستقبل جي پروگرام بابت ٻڌائيندي چيو ته عام چونڊن دوران پ پ چيئرمين بلاول ڀٽي زرداري 10 نقطن تي مشتمل ايجنڊا ڏني هئي. اها ايجنڊا هئي ته پوري ملڪ لاءِ پر صوبائي حڪومت جيڪو ڪم ڪري سگهي ٿي تنهن تحت ابتدائي طور ٻوڏ متاثرين ۽ انفرا اسٽرڪچر جي بحالي تي ڪم هلندڙ آهي. سنڌ حڪومت 21 لک گهر اڏڻ جو فيصلو ڪيو پر انهن گهرن جي فنڊن لاءِ پريشان هئاسين. هاڻي اها فندنگ گڏ ڪري چڪا آهيون جنهن تحت 6 لک گهر اڏاوت هيٺ آهن جن مان هڪ لک گهر تيار به ٿي چڪا آهن. گڏوگڏ آبپاشي کاتي جي انفرا اسٽرڪچر جي بحالي لاءِ به ڪم هلندڙ آهي. اسان چاهيون ٿا ته هاڻي 2021ع ۽ 2022ع جي برساتي ٻوڏ واري صورتحال پيدا نه ٿئي. هن چيو ته 2010ع واري دريائي ٻوڏ دوران سنڌو درياهه جا 2 بند ٽٽا هئا جنهن کانپوءِ ڪيترائي سپر فلڊ اچي چڪا آهن پر هاڻي درياهه جا بند محفوظ بڻيل آهن ان ڪري اسين 2021ع ۽ 2022ع جي برساتي ٻوڏ کي نظر ۾ رکي انفرا اسٽرڪچر جي بحالي تي ڪم ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽي زرداري جي اها به ايجنڊا آهي ته سنڌ جي هر گهر، ڳوٺ ۽ پاڙي ۾ پيئڻ جو صاف پاڻي پهچي. حيدرآباد شهر سنڌ جو وڏو شهر آهي جنهن کي 120 ملين گيلن پاڻي جي روزانو ضرورت پوي ٿي جڏهن ته ان جي مقابلي ۾ حيدرآباد کي 61 ملين گيلن پاڻي ميسر ٿئي ٿو. حيدرآباد سنڌو درياهه جي ڪنڌي تي واقع شهر آهي. سڀاڻي ڪير ائين نه چوي ته اسان حيدرآباد کي پيئڻ جو پاڻي به فراهم نه ڪري سگهياسين ان ڪري پيئڻ جو صاف پاڻي پهچائڻ لاءِ سنڌ حڪومت جون ڪوششون جاري آهن. صحت کاتي ۾ سڌارن جو ذڪر ڪندي وڏي وزير اعتراف ڪيو ته بنيادي هيلٿ سينٽرن، رورل هيلٿ سينٽرن، تعلقه اسپتالن ۽ ضلعي اسپتالن جي صورتحال ڪا گهڻي بهتر ڪانهي ان ڪري مريضن جو بار وڏين اسپتالن تي پوي ٿو جڏهن ته اسان جي حڪومت وڏين اسپتالن، جن ۾ اين آءِ سي وي ڊي، نيشنل انسٽيٽيوٽ فار چائلڊ ڪيئر جهڙا بهترين ادارا قائم ڪري چڪي آهي ۽ گمس توڙي انڊس جهڙن ادارن جي مدد به ڪري رهي آهي. اسين چاهيون ٿا ته بنيادي صحت مرڪزن کي جديد اوزار ڏئي انهن کي بهتر بڻايون ته جيئن ماڻهن کي اين آءِ سي وي ڊي ۽ ٻين وڏين اسپتالن ڏانهن وڃڻ جي ضرورت نه پوي. هن چيو ته اسان جي حڪومت تعليم جي بهتري لاءِ به عملي ڪوششون ڪري رهي آهي. 2023ع ۾ 60 هزار استاد ڀرتي ڪيا ويا. تعليم واري وزير اها خاطري ڪرائي آهي ته هاڻي ڪو به اهڙو اسڪول ان سبب جي ڪري بند نه هوندو جو اتي ڪو استاد مقرر ٿيل نه هجي. گڏوگڏ اسڪولن جي عمارتن جي بحالي تي به ڪم هلندڙ آهي. هن چيو ته اسان هارين جي بهتري لاءِ ڪسان ڪارڊ شروع ڪرڻ وارا آهيون جڏهن ته بينظير صحت ڪارڊ اڳ ئي شروع ٿي چڪو آهي. سنڌ حڪومت بلاول ڀٽي زرداري جي پروگرام کي اڳتي وڌائيندي ڇاڪاڻ ته سنڌ جي ماڻهن جي اميدن جو مرڪز پيپلزپارٽي آهي ۽ اسان جي جماعت ماڻهن کي مايوس ٿيڻ نه ڏيندي. هن چيو ته هن وقت ڪراچي ۽ حيدرآباد جا ميئر به پيپلزپارٽي سان تعلق رکن ٿا. حيدرآباد جي ايم اين ايز جي ٽن سيٽن مان هڪ سيٽ پيپلزپارٽي کٽيندي رهي آهي. صوبائي اسيمبلي جون 3 سيٽون کٽيل هيون جن مان هڪ اسان کي نه ڏني وئي. اسان چاهيون ٿا ته شهري علائقن جي ماڻهن جي خدمت ڪري حيدرآباد ۾ ايم اين اي جون 2 ۽ صوبائي اسيمبلي جون 3 اضافي سيٽون به حاصل ڪريون. هن چيو ته پيپلزپارٽي جي صوبائي حڪومت بلاول ڀٽو جي 300 يونٽ مفت بجلي ڏيڻ واري منصوبي تي به ڪم ڪري رهي آهي. ٿر مان ڪراچي جي بجلي گهر کي ڪوئلو مهيا ڪيو پيو وڃي جڏهن ته ريلوي لائين وڇائڻ لاءِ پڻ ڪم هلندڙ آهي. سنڌ حڪومت وفاق کي اها خاطري ڪرائي آهي ته ريلوي جي منصوبي تي عمل لاءِ 50 سيڪڙو فنڊ سنڌ حڪومت ادا ڪندي. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته سنڌي ماڻهو ڏيڻ سکيا آهن. هن اسٽيل ملز جي زمين جو حوالو ڏيندي چيو ته اڳوڻي وزيراعظم شهيد ذوالفقار علي ڀٽي اسٽيل ملز جي زمين جي ڪٿيل رقم مان صرف 20 سيڪڙو تي اها زمين وفاق کي ڏني هئي ته جيئن وفاقي منصوبو مڪمل ٿئي. اسان سنڌ ۾ اڪنامڪ زون جي قيام لاءِ به ڪوششون ڪري رهيا آهيون. سرڪار سمورن ماڻهن کي نوڪريون نٿي ڏئي سگهي ان ڪري انهن جي روزگار لاءِ مختلف منصوبا جوڙيا پيا وڃن ته جيئن ماڻهن کي روزگار ملي سگهي ۽ ايڪسپورٽ کي هٿي ڏئي ٻاهريون ناڻو ملڪ ۾ آڻي سگهجي. هن اعتراف ڪيو ته منشيات جي خاتمي لاءِ قدم کنيا ويا آهن پر اهي قدم ضرورت کان گهٽ آهن. منشيات جو واهپو ۽ وڪرو عالمي سطح جو معاملو آهي جنهن لاءِ سنڌ جي ادارن سميت وفاقي ادارن کي به ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. هن چيو ته منشيات جي واهپي سبب نوجوان نسل تباهه ٿي رهيو آهي ۽ جڏهن ڪنهن قوم کي برباد ڪرڻو هوندو آهي ته ان جي نسل کي منشيات جو عادي بڻايو ويندو آهي ان ڪري اسان اهڙي ڪڌي عمل کي روڪڻ لاءِ روزانو جي بنياد تي ڀرپور ڪارروايون ڪري رهيا آهيون. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ايم ڪيو ايم سميت اسان هر جماعت سان گڏجي ڪم ڪرڻ چاهيون ٿا. اسان ته پي ٽي آءِ جي گورنر سان به گڏجي ڪم ڪيو. نئين گورنر جي مقرري ۽ موجوده گورنر کي هٽائڻ جو اختيار وزيراعظم وٽ آهي. وزيراعظم جنهن کي چاهي تنهن کي گورنر لڳائي سگهي ٿو، اسان ان سان به گڏجي ڪم ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين. وڏي وزير اهو به اعتراف ڪيو ته سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال مڪمل طور تسلي بخش نه آهي پر حالتون ضابطي کان به ٻاهر نه نڪتيون آهن. هن مثال ڏنو ته ضياءَ جي دور ۾ سنڌ اندر ڌاڙيلن جو راڄ هو ۽ ماڻهو حيدرآباد کان سيوهڻ جو سفر به ڪانوائي کانسواءِ ڪري نه سگهندا هئا. 2008ع ۾ اسان کي سکر کان لاڙڪاڻي ويندي اهو جواز ڄاڻائي روڪيو ويو ته حالتون خراب آهن ان ڪري ڪانوائي کانسواءِ سفر ڪرڻ نه ڏنو ويو. پيپلزپارٽي جي حڪومت 2008ع دوران اقتدار ۾ اچي امن امان جي صورتحال کي بهتر بڻايو. ان وقت ۾ ڪراچي بدامني جي لحاظ سان دنيا جو ڇهون نمبر شهر هو. بعد ۾ حالتون بهتر ٿيون. هن چيو ته نگران دور ۾ امن امان جي صورتحال خراب ٿي. صحافي ڀلي انگ اکر گڏ ڪري ڏسي وٺن ته جڏهن مون حڪومت ڇڏي تڏهن ڪيترا ماڻهو اغوا ٿيل هئا ۽ جڏهن مون کي ٻيهر حڪومت ملي تڏهن ڪيترا ماڻهو اغوا هئا. موجوده سنڌ حڪومت امن جي قيام کي يقيني بڻائڻ لاءِ عملي ڪوششن ۾ مصروف آهي. هن چيو ته ماس توڙي سوشل ميڊيا کي گهرجي ته هو اهڙن ماڻهن کي پروموٽ نه ڪري جيڪي ٻارن کي زنجير وجهي ڀنگ طلب ڪن ٿا. هن چيو ته اهڙا ماڻهو زور آور نه پر بزدل ماڻهو هجن ٿا. حالتون جيتوڻيڪ اطمينان بخش نه آهن پر ائين به ناهي ته ڪو اسان هٿيار ڦٽا ڪري ڇڏيا آهن. هن چيو ته ڪچي جا ڌاڙيل عام ماڻهن کي اغوا ڪن ٿا جن ۾ ٽرڪن جا ڊرائيور، ٻار، راهه ويندڙ مسافر يا اقليت جا ماڻهو شامل آهن جڏهن ته ڪنهن به زور آور ماڻهو کي ڌاڙيل اغوا نه پيا ڪن. هن چيو ته اسان ڊڪٽيٽر نه پر جمهوري ماڻهو آهيون ۽ امن امان جي صورتحال کي نظر ۾ رکي قدم کڻي رهيا آهيون. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته سنڌ ۾ لوڊشيڊنگ بلن جي ادائگي نه ڪرڻ جو جواز ڄاڻائي ڪئي وڃي ٿي. اسان وفاقي حڪومت سان ڳالهايو آهي ته جيڪي ماڻهو بل ادا ڪن ٿا تن کي بجلي فراهم ڪرڻ گهرجي. بجلي جو في يونٽ 60 کان 70 رپيا ٿي ويو آهي ۽ اڪثر ماڻهو بل به نٿا ادا ڪن. پهرين ته بجلي احتياط سان استعمال ڪرڻ گهرجي ۽ جيڪي ماڻهو بل نٿا ادا ڪن تن کي بل ادا ڪرڻ گهرجي ته جيئن بجلي فراهم ٿيندي رهي. پهرين پنهنجو گهر سڌو ڪرڻو پوندو، پوءِ ٻين کان مطالبو ڪري سگهجي ٿو. انڊس هاءِ وي سميت نيشنل هاءِ ويز ۽ موٽرويز جو ذڪر ڪندي وڏي وزير چيو ته تازو ئي نيشنل هاءِ ويز اٿارٽي جو چيئرمين سنڌ آيو هو جنهن سان انهن روڊن جي صورتحال بابت تفصيل سان ڳالهه ٻولهه ٿي آهي. اسان اڳ ۾ ئي چيو هو ته رٿيل موٽروي جي منصوبابندي غلط آهي جنهن کي سهي ثابت ڪرڻ لاءِ ان وقت ۾ ڪميونيڪيشن کاتي جو وزير به حيدرآباد آيو هو. اسان چاهيون ٿا ته سکر کان حيدرآباد موٽروي کي سي پيڪ ۾ شامل ڪيو وڃي ته جيئن اهو منصوبو جلد مڪمل ٿي سگهي. هن چيو ته اڪثر ماڻهو اهو چون ٿا ته جڏهن سنڌ ۾ داخل ٿجي ٿو تڏهن روڊن جي حالت خراب هجي ٿي. اڪثر ماڻهو نيشنل هاءِ ويز تي سفر ڪن ٿا، اهي روڊ وفاق جا ٺاهيل آهن جڏهن ته سنڌ حڪومت جا مختلف شهرن ڏانهن ويندڙ روڊ رستا ايترا ته بهتر آهن جو انهن بابت ڪا به شڪايت سامهون نٿي اچي. هن مثال ڏنو ته سکر کان شڪارپور ۽ لاڙڪاڻي طرف وارا روڊ ڏسي سنڌ حڪومت جي ٺاهيل رستن بابت اندازو قائم ڪري سگهجي ٿو. وڏي وزير چيو ته پنجاب پاران چولستان کي آباد ڪرڻ لاءِ رٿائون جوڙيون پيون وڃن جنهن خلاف سنڌ حڪومت سي سي آءِ ۾ وڃڻ جي تياري ڪري رهي آهي. سنڌ جي حصي جو پاڻي ڪنهن به صورت ۾ گهٽ نه ٿيڻ گهرجي. 1991ع جو پاڻي ٺاهه موجود آهي جنهن ۾ واضح طور تي صوبن جي حصي جو پاڻي شامل ٿيل آهي. ان ٺاهه کان انڪار غير قانوني تصور ٿيندو. هن چيو ته اين ايف سي ايوارڊ مان صوبن جو حصو گهٽ نٿو ڪري سگهجي ڇاڪاڻ ته ان کي 18هين ترميم جو تحفظ مليل آهي. اين ايف سي ۾ صوبن جو حصو وڌي ته سگهي ٿو پر گهٽ نٿو ڪري سگهجي. في الحال اهڙو تاثر نه ته وزيراعظم طرفان ڏنو ويو آهي ۽ نه ئي وري خزاني جي وفاقي وزير ڪو اهڙو تاثر ڏنو آهي. شهيد صحافي جان محمد مهر جو ذڪر ڪندي وڏي وزير چيو ته قاتلن جي گرفتاري جي حوالي سان ڪا به سياسي مصلحت اختيار نه پئي ڪئي وڃي. شروع وارن ڏينهن ۾2 کان 3 سهولتڪار گرفتار ڪيا ويا هئا. قاتلن جو تعلق ڪچي جي ڌاڙيلن سان آهي جيئن ٻين ڌاڙيلن خلاف ڪارروايون ڪيون پيون وڃن تيئن شهيد جان محمد مهر جي قاتلن خلاف به ڪيون وينديون. ان حوالي سان خود پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري به وارثن کي خاطري ڪرائي هئي ته قاتلن گرفتار ڪيا ويندا. هاڻي هوم منسٽر کي خصوصي ٽاسڪ ڏنو ويو آهي جيڪو ان حوالي سان ڪوششن ۾ مصروف آهي. ان کان اڳ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ، ڄام خان شوري، سيد ناصر حسين شاهه، نثار کهڙي ۽ ٻين سان گڏجي پريس ڪلب جي عهديدارن سان گڏجاڻي ڪئي. پريس ڪلب جي عهديدارن پاران صحافين کي مليل پلاٽن جي ترقياتي ڪم بابت وڏي وزير کان مطالبو ڪيو ويو جنهن تي هن چيو ته هو صوبائي وزير سعيد غني کي هدايتون جاري ڪندو ته هو جلد صحافين جي پلاٽن تي ترقياتي ڪم شروع ڪرائي ته جيئن اتي صحافي رهي سگهن. هن پريس ڪلب جي سالياني گرانٽ وڌائڻ جي به خاطري ڪرائي. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه حيدرآباد ۾ مصروف ترين ڏينهن گذاريو. هن صبح جو باءِ پاس تي هڪ شادي هال ۾ منعقد ٿيل چئن ضلعن جي چونڊيل نمائندن، پارٽي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کان ترقياتي اسڪيمن بابت تجويزون ورتيون. جن چئن ضلعن جا چونڊيل نمائندا، پارٽي اڳواڻ ۽ ڪارڪن ان اجلاس ۾ شريڪ ٿيا تن ۾ حيدرآباد، مٽياري، ٽنڊوالهيار ۽ ٽنڊو محمد خان شامل آهن. وڏي وزير ڪارڪنن ۽ اڳواڻن کان ترقياتي ڪمن جي حوالي سان تجويزون ورتيون. گڏجاڻي کي خطاب ڪندي هن ٻڌايو ته حيدرآباد ۾ 61 هزار 783 ملين رپين جون 239 اسڪيمون جاري آهن. هن سال انهن اسڪيمن کي مڪمل ڪرڻ لاءِ 17026.7 ملين رپيا مختص ٿيل آهن. مٽياري جون 106 اسڪيمون 15943.9 ملين رپين جي لاڳت سان هلندڙ آهن. انهن اسڪيمن لاءِ هن سال 4904.254 ملين رپيا رکيا ويا آهن. ٽنڊي الهيار جون 95 اسڪيمون 15852.8 ملين رپين سان اسڪيمون هلندڙ آهن جن لاءِ هن سال 6492.291 رپيا الوڪيشن ڪئي وئي آهي. ٽنڊو محمد خان جون 87 اسڪيمون 15852.8 ملين رپين جون اسڪيمون هلندڙ آهن جن لاءِ هن سال 3646.356 ملين رپيا مختص ڪيا ويا آهن. هن چيو ته آئون پنهنجي وزير ۽ لاڳاپيل آفيسرن کي پاڻ سان گڏ وٺي آيو آهيان ته جيئن پارٽي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي شڪايتن جو ازالو ٿي سگهي. هن چيو ته بلدياتي نظام تحت مقامي سطح جا مسئلا بلدياتي ادارن کي حل ڪرڻا آهن. اجلاس ۾ سيد ناصر حسين شاهه اسڪيمن جون تجويزون پيش ڪرڻ لاءِ طريقيڪار بابت آگاهي ڏني. ان موقعي تي صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ، سعيد غني، سيد ناصر حسين شاهه، صوبائي وزير ڄام خان شورو، علي حسن زرداري، مخدوم محبوب الزمان، پ پ جو صوبائي صدر نثار احمد کهڙو، جنرل سيڪريٽري وقار مهدي، ڊويزنل صدر علي نواز شاهه، ميئر حيدر آباد ڪاشف خان شورو به موجود هئا. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه حلال احمر اسپتال پهچي آرٽزم، ريهيبليٽيشن ۽ ٽريننگ سينٽر جو افتتاح ڪيو. صوبائي سيڪريٽري طحه فاروقي، ڊاڪٽر نبيلا سومرو، چيف ڪنسلٽنٽ ارم ۽ ٻين سندس استقبال ڪيو. وڏي وزير جو چوڻ هو ته اهو سينٽر 2018ع ۾ قائم ڪيو ويو. سي آرٽس 2018ع ۾ پنهنجو سفر شروع ڪيو. جلد ئي اهو ادارو ترقي جون منزلون طئي ڪندو. ان سينٽر جي 6 مرڪزن ۾ 600 ماڻهو تربيت هيٺ آهن. هن چيو ته سي آرٽس تعليم ۽ هنري جي تربيت سان روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا. تقريب ۾ صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ، سيد سردار شاهه ۽ ٻي وزير به موجود هئا. سنڌ جي وڏي وزير رات دير سان قاسم چوڪ وٽ هڪ بئنڪويٽ ۾ شادي جي تقريب ۾ شرڪت ڪئي ۽ بعد ۾ هو ڪراچي روانو ٿي ويو. وڏي وزير جي آمد جي موقعي تي حيدرآباد ۾ سيڪيورٽي جا انتهائي سخت انتظام ڪيا ويا هئا.