سنڌ ۾ هڪ سئو يونٽس تائين بجلي استعمال ڪندڙ واهپيدارن کي مفت بجلي ڏينداسين: وڏو وزير
جُولاءِ 19, 2024
سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ ۾ هڪ سئو يونٽس تائين بجلي استعمال ڪندڙ واهپيدارن کي مفت بجلي ڏينداسين، 5 ارب روپين جي لاڳت سان 2 لک سولر پينلز ورهائڻ واري منصوبي تي ڪم ٿي رهيو آهي
سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه توانائي بابت اجلاس دوران اعلان ڪندي چيو ته صوبي ۾ بجليءَ جي سهولت کان محروم 5 لک گهراڻن کي بجلي فراهم ڪنداسين
وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ صوبائي وزير ناصر شاهه، چيف سيڪريٽري ۽ ٻين شرڪت ڪئي
وڏي وزير چيو ته سنڌ ۾ 5 لک کان وڌيڪ گهر گرڊ اسٽيشنز کان پري هجڻ سبب بجليءَ جي سهولت کان محروم آهن، بلاول ڀٽو زرداري جي هدايت آهي ته 5 لک گهرن کي بجلي فراهم ڪئي وڃي