ارسا چيئرمين جي مقرري وزيراعظم حوالي ڪرڻ واري ترميم ڪالاباغ ڊيم کان به خطرناڪ آهي: پاڻي ماهر

سيپٽمبر 3, 2024

ڪراچي(م ڊ) سنڌ جي سڄاڻ ڌُرين ۽ پاڻي ماهرن ارسا ايڪٽ ۾ ارسا جي چيئرمين جي مقرري جا اختيار وزيراعظم کي ڏيڻ واري تجويز ڪيل ترميم کي ڪالاباغ ڊئم کان وڌيڪ خطرناڪ قرار ڏئي ڇڏيو آهي. ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي اڳوڻي سيڪريٽري فضل الله قريشي چيو ته ارسا ايڪٽ موجب ڪابه ترميم ارسا اندر ايندي يا صوبائي اسيمبلي آڻيندي، هي اوچتو مٿان کان ترميم اچي رهي آهي، ارسا بين الصوبائي ادارو آهي ۽ اُن پاڻي معاهدي مان جنم ورتو آهي، ارسا چيئرمين کي ايترا اختيار مليا آهن جو اسٽريٽيجڪ جاين ۾ پاڻي ورڇ جي ضرورت هوندي ته هو پاڻ فيصلو ڪندو. ترميم سان صوبن ۾ جهيڙا ٿيندا، سڀ کان وڌيڪ سنڌ ۽ بلوچستان کي نقصان ٿيندو. ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي تجزئي نگار جامي چانڊيو چيو ته ارسا ڪو وفاقي ادارو نه پر بين الصوبائي باڊي آهي، وزيراعظم کي اختيار هوندو ته صوبن کي باءِ پاس ڪندي سڌي ريت ڪنهن به 21هين گريڊ جي آفيسر کي ارسا چيئرمين مقرر ڪري سگهندو، هي ڪالاباغ ڊئم کان به وڌيڪ خطرناڪ آهي، ڇاڪاڻ ته ان ترميم بعد صوبن جو پاڻي تي ڪوبه اختيار نه هوندو، ترميم سان پاڻي ورڇ ۾ سي سي آءِ ۽ صوبن جو ڪردار پڻ ختم ٿي ويندو. پ پ سينيٽر ضمير گهمرو ڳالهائيندي چيو ته ترميمي مسودو اڃا آفيشل فورم تان باضابطا طور نه آيو آهي، صوبن ۾ پاڻي معاهدي تي عملدرآمد لاءِ ارسا ٺاهي وئي هئي، پاڻي بابت رڳو صوبائي اسيمبلي قانونسازي ڪري سگهي ٿي، آئين تحت پارليامينٽ قانونسازي ڪندي ته اُها صوبائي اسيمبلي کان اجازت وٺندي، پاڻي معاهدي سان ٽڪراءَ ۾ ڪوبه قانون نٿو آڻي سگهجي.

Leave A Comment