ارسا پاران منگلا ڊيم ڀرڻ جون ڪوششون: سنڌ پاران مخالفت: 10 جولاءِ تائين واڌو پاڻي طلب

مَي 13, 2024

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ارسا اٿارٽي جو هنگامي اجلاس اڄ سومر ڏينهن طلب ڪيو ويو آھي، ارسا ترجمان مطابق ارسا چيئرمين جي صدارت ۾ ٿيندڙ اجلاس ۾ ارسا ۾ سنڌ صوبي سوڌو چئني صوبن مان مقرر ميمبرن کانسواءِ صوبن جي آبپاشي کاتن جا سيڪريٽري،  واپڊا جا نمائندا به شريڪ ٿيندا ، اجلاس ۾ دريائن ۾ ايندڙ اضافي پاڻي وهڪرن واري صورتحال جو جائزو ورتو ويندو، اجلاس ۾ تربيلا جي پنجين توسيع جي منصوبي تي هلندڙ ڪم جي اڳڀرائي جي جائزي وٺڻ کانسواءِ جاري ڪم سبب تربيلا ۾ 1470 فوٽن کان وڌيڪ پاڻي ذخيرو نه ڪري سگهڻ جي  صورتحال کي ڏسندي اضافي ايندڙ پاڻي مان منگلا ڊيم کي ڪيترو ڀريو وڃي؟ ان بابت مشاورت ڪئي ويندي، ذريعن مطابق سنڌ جي آبپاشي کاتي پاران سنڌو درياهه ۽ ڪابل ۾ ايندڙ اضافي وهڪرن جو پاڻي 10 جولاءِ تائين منگلا ڊيم کي مڪمل طور تي ڀرڻ بجاءِ اضافي پاڻي سنڌ کي فراهم ڪرڻ ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويندو ۽ 10 جولاءِ تائين لنڪ ڪينال به نه کولڻ جو سنڌ صوبي پاران ارسا اجلاس ۾ مطالبو ڪيو ويندو، ٻئي طرف ارسا جي ذميوار ذريعن ٻڌايو آھي ته خريف سيزن دوران ارسا 30سيڪڙو کوٽ جو ڪاٿو لڳايو هو جنهن بعد کوٽ 21سيڪڙو تي اچڻ جو اعلان ڪيو ويو، اجلاس ۾ پاڻي کوٽ وڌيڪ گهٽ ڪرڻ جو فيصلو ٿيڻ جو به امڪان آهي، اعلانيل  پاڻي کوٽ 21 سيڪڙو ۾ وڌيڪ 10 سيڪڙو گهٽتائي ٿيڻ جو امڪان آھي، جنهن بابت حتمي فيصلو اڄ سومر ڏينهن صبح 11 وڳي ٿيندڙ ارسا جي خصوصي اجلاس ۾ ٿيندو.

Leave A Comment