يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپوريشن بند ڪرڻ جو فيصلو،  عوام کي ڪيش رليف لاءِ تجويزون طلب

آگسٽ 23, 2024

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي سرڪار پاران يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپوريشن ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، يوٽيلٽي اسٽورز جي لاءِ 50 ارب رپين جي سبسڊي اڳ ئي بند ڪئي وئي، وزيراعظم شهباز شريف حڪم ڏيندي چيو آهي ته يوٽيلٽي اسٽور تي سبسڊي ڏيڻ بدران غريب عوام کي ڪيش رليف ڏيڻ جون تجويزون پيش ڪيون وڃن، جڏهن ته حڪومتي فيصلي سان يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپوريشن جي هزارين ملازمن ۾ ڳڻتيءَ جي لهر  پکڙيل آهي، هوڏانهن سينيٽ جي صنعت پيدوار ڪاميٽي ۾ وفاقي حڪومت يوٽيلٽي اسٽور ڪارپوريشن بند ڪرڻ ۽ ملازمن کي مختلف کاتن ۾ ضم ڪرڻ جي تصديق ڪري ڇڏي،  سينيٽر عون عباس جي صدارت هيٺ صنعت ۽ پيداوار بابت اسٽينڊنگ ڪميٽيءَ جو اجلاس ٿيو. سينيٽر سيف الله نيازي سوال ڪيو ته ڇا حڪومت يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپرويشن بند ڪرڻ وڃي رهي آهي. جنهن تي سيڪريٽري صنعت و پيداوار جواب ڏنو ته حڪومت يوٽيلٽي اسٽورز بند ڪرڻ تي غور ڪري رهي آهي. يوٽيلٽي اسٽورز جي ملازمن کي ٻين ادارن ۾ موڪلڻ تي ڪم جاري آهي. حڪمت غير ضروري ڪاروباري مان ٻاهر نڪرڻ چاهي ٿي. يوٽيلٽي اسٽورز تي رليف ڏيڻ سان مقابلي جي فضا ختم ٿي ويندي آهي. ڪاميٽي يوٽيلٽي اسٽورز جي بندش تي سختيءَ سان نوٽيس وٺندي سيڪريٽري صنعت، پيداوار جي بيان تي تفصيل طلب ڪري ورتا. چيئرمين ڪاميٽي سينيٽر عون عباس چيو ته هي انتهائي افسوسناڪ فيصلو آهي. اسٽورز بند ڪرڻ وارو معاملو ڪنهن کي علم  ۾ نه هيو. عون عباس چيو ته ان سموري معاملي ۾ هزارين ملازمن جو ڇا ٿيندو، ڪٿي ايڊجيسٽ ڪيو ويندو ڇا ماڻهن کي بيروزگار ڪيو ويندو؟. اِن موقعي تي انجنيئرنگ ڊولپمينٽ بورڊ پاران اليڪٽرڪ وهيڪلز پاليسي تي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ويو ته 1982 ۾ پهريون ڪار پروڊڪشن پلانٽ پاڪستان ۾ ٺهيو، 2021ع۾ سڀ کان وڌيڪ گاڏيون ٺهيون جيڪي تقريبن 3 لک هيون. سال 24-2023 ۾ ملڪ ۾ 10 هزار 378 هائبرڊ گاڏيون ٺاهيون ويون. ڄاڻايل عرصي ۾ ملڪ اندر 20 هزار 811 اليڪٽرڪ بائڪس ۽ رڪشه ٺاهيا ويا. ٽو ۽ ٿري ويلر اليڪٽرڪ گاڏيون ٺهڻ لاءِ 44 ڪمپنين کي لائسنس ڏنا ويا. انجنيئرنگ دولپمينٽ بورڊ پاران ڏنل بريفنگ ۾ وڌيڪ چيو ويو ته جيڪا گاڏي ڪمپنيءَ کان بغير ٺاهي وڃي اُها روڊ تي نٿي اچي سگهي. پاڪستان گاڏيون ٺاهيندڙ بين الاقوامي فورم بڻجي ويو آهي. دنيا ۾ گاڏيون ٺاهڻ جا 160 ريگيوليشنز آهن اسان اڃا 60 تي آهيون. ٽن سالن ۾ گاڏيون دير سان ڏيڻ تي ڪار ٺاهيندڙ ڪمپنين کي 5 ارب 32 ڪروڙ روپين جو ڏنڊ لڳايو ويو آهي، سليم مانڊوي والا چيو ته گاڏي جو معيار به هڪ مسئلو آهي. ڪمپنيون پاڻ ايڪسپورٽ نٿيون ڪرڻ چاهين. ڪمپنيون ڄاڻين ٿيون ته هي گاڏيون ايڪسپورٽ جي قابل ناهن. 60 سيڪڙو گاڏين جي قيمت ٽيڪسز آهي.

Leave A Comment