وي سي ابوپوٽو ڀڄايو_ لطيف ورسٽي بچايو: جوائنٽ ايڪشن ڪاميٽي پاران تحريڪ جو اعلان

جُون 10, 2024

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر(شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جي ملازمن جي جوائنٽ ايڪشن ڪاميٽي جي اڳواڻن ڊاڪٽر اختيار گهمرو، پروفيسر منير شاهه راشدي، پروفيسر محمد مراد پيرزادي، پروفيسر عبدالوحيد سانگري، ڊاڪٽر حسام شيخ چيو آهي ته شاهه عبداللطيف يونيورسٽي هن وقت شديد مسئلن جي ور چڙهيل آهي، وڊيو اسڪينڊل بعد داخلا ريشو ( تناسب) گهٽجي ويو آهي، ماڻهو پنهنجن ٻارن کي يونيورسٽي نه ٿا موڪلين، وائيس چانسلر ڊاڪٽر خليل ابوپوٽو کي سگهاري ڌر سپورٽ ڪري رهي آهي، اهي ڌريون نه ٿيون چاهين ته يونيورسٽيءَ جو ماحول ۽ تدريسي عمل بهتر هجي، ڪالهه هتي پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هنن چيو ته  شاهه عبداللطيف يونيورسٽيءَ جي تڪراري وائيس چانسلر ڊاڪٽر خليل احمد ابوپوٽو جي 7 مهينا اڳ هڪ نازيبا وڊيو وائرل ٿي هئي، جنهن جو نگران سنڌ حڪومت نوٽيس وٺي ٽي رڪني جاچ ڪاميٽي جوڙي، وائيس چانسلر کي جبري موڪل تي اماڻي ڇڏيو، هنن چيو ته انهي واقعي بعد يونيورسٽيءَ جي شاگردن، والدين، استادن ۽ ملازمن  احتجاجي تحريڪ شروع ڪئي، هنن چيو ته جاچ ڪاميٽي پنهنجي رپورٽ ۾ اهو ناهي ڄاڻايو ته اها وڊيو اصلي آهي يا نه؟ اهڙي رپورٽ آڌار   ڊاڪٽر خليل احمد ابوپوٽو  30 مئي تي اسٽي وٺي آيو آهي، هن وقت هو وي سي جي ڪرسي تي قابض آهي، هنن چيو ته  ڊاڪٽر ابو پوٽي جي دور ۾ يونيورسٽي جو ماحول وڌيڪ خراب ٿيو آهي، هر سال مادرعلمي ۾ اڍائي کان 3 هزار شاگرد داخلا وٺندا آهن،  جن جو تعداد گهٽجي ويو آهي، تڪراري وي سي جي اهڙي وڊيو اچڻ بعد ماڻهو پنهنجن نياڻين کي يونيورسٽي موڪلڻ کان لنوائي رهيا آهن. هنن  سنڌ سرڪار کان مطالبو ڪيو ته تڪراري وي سي ڊاڪٽر خليل احمد ابوپوٽو کي هٽائي  شاهه عبداللطيف يونيورسٽي کي بحرانن مان ڪڍيو وڃي، ٻي صورت ۾ اسان جي تحريڪ جاري رهندي.

Leave A Comment