ڀاڄيون به عوام جي پهچ کان پري، قيمتن ۾ رڪارڊ اضافو: فروٽ به مهانگو ٿي ويو

جُولاءِ 8, 2024

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) فروٽ ۽ ڀاڄيون مهانگيون ٿي ويون. وفاقي راڄڌاني سميت ٻين شهرن ۾ فروٽ ۽ ڀاڄين جي قيمتن ۾ اضافو رڪارڊ ڪيو ويو. اسلام آباد ۾ ٽماٽا،  پٽاٽا، بصر، ادرڪ، توري ۽ ٻين قسمن جي ڀاڄين جون قيمتون به وڌي ويون. ٽماٽن جي قيمت 38 رپيا في ڪلو اضافي کان پوءِ 160 رپيا في ڪلو ٿي وئي. پٽاٽن جي قيمت 10 رپيا في ڪلو اضافي سان 90 رپيا في ڪلو، بصر جي قيمت 100 رپيا في ڪلو ۽ سائي مرچ جي قيمت 92 رپيا في ڪلو تي پهچي وئي آهي. نئين قيمتن موجب ادرڪ جي قيمت 692 رپيا في ڪلو ۽ ٿوم جي قيمت 356  رپيا في ڪلو آهي. توري جي قيمت 96 رپيا في ڪلو ۽ ميهن جي قيمت 185 رپيا في ڪلو ٿي وئي آهي. ٻئي طرف گذريل ڏينهن انتظاميا طرفان ڀاڄين ۽ فروٽ جون سرڪاري قيمتون جاري ڪيون ويون هيون جن ۾ پهرين نمبر جي بصر جي قيمت 110 رپيا في ڪلو، پٽاٽا 80 رپيا ، ٽماٽا 110 رپيا ۽ سائي مرچ جي قيمت 90  رپيا في ڪلو تائين پهچي وئي آهي. واڱڻ 65، بند گوبي 120 رپيا في ڪلو آهي، جڏهن ته صوف 325، آڙو 190، آلو بخارو 175 رپيا في ڪلو آهن. اهڙي طرح ڦاروا 190، ڇانهين 40 ۽ ايراني کجي 470 رپيا في ڪلو آهي. جڏهن ته سنڌڙي انب 150، انب دسهري 160 ۽ انور رٽول انب 170 رپيا في ڪلو آهن. سرڪاري ريٽ لسٽ ۾ پهرين نمبر جو ڪيلو في درجن 130 رپيا ۾ ملي رهيو آهي. بجيٽ کان پوءِ مهانگائي آسمان سان ڳالهيون ڪري رهي آهي جنهن جو سڌو سنئون اثر عام عوام جي زندگي تي پئجي رهيو آهي.

Leave A Comment