تازا ترين
  • *سنڌ ۾ ڪورونا وڌيڪ 9 مريضن جون حياتيون ڳڙڪائي ويو: 1547نوان ڪيس ظاهر *سنڌ ۾ ڪورونا متاثرن جو انگ وڌي 2 لک 27 هزار 885 ٿي ويو: وڏو وزير مراد علي شاهه *گذريل 24 ڪلاڪن ۾ 2852 ڪورونا مريض صحتياب ٿي ويا: وڏو وزير مراد علي شاهه*
  • * سپريم ڪورٽ ۾ شاهزيب قتل ڪيس ۾ جوابدارن جي عمر قيد خلاف اپيلن تي ٻڌڻي *عدالت درخواستگذارن جي وڪيل کي دستاويز جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو *عدالت شاهزيب جي وارثن کي به نوٽيسز جاري ڪري ڇڏيا *ڌرين وچ ۾ ٺاهه کانپوءِ سزا ختم ٿي ويندي آهي: شاهرخ جتوئي جو وڪيل لطيف کوسه *اوهان جي دستاويزن ۾ ڪابه ترتيب ناهي، دستاويز ٻيهر جمع ڪرايو: عدالت جو حڪم*
  • *ٺل: قبرستان تي قبضي خلاف ڇھن ڳوٺن رهواسين پاران پوليو مھم جو بائيڪاٽ *ڳوٺ محمد حيات سرڪي، نبي بخش بنگلاڻي ۽ ٻين ڳوٺ جي رهواسين پاران ٻارن کي پوليو جا ڦڙا نه پيارڻ جو اعلان *ڳوٺ جيئل ڊول، شاھنواز سولنگي ۽ عبدالغفار بنگلاڻي جي رهواسين پوليو ٽيمن واپس موٽائي ڇڏيو *جيستائين قبرستان تان قبضو ختم نه ٿيندو، پوليو جا ڦڙا ٻارن کي نه پيارينداسين: ڳوٺاڻا*
  • *سنڌڙي: يوسي ڦلھڏيون ۽ يوسي سامارو موري جي مختلف ڳوٺن مان ٻوڏ وارو پاڻي نيڪال نه ٿيو *ٻوڏ وارو پاڻي 5مينھا گذرڻ باوجود نيڪال نه ٿيڻ خلاف ڳوٺاڻن جو احتجاج *جيستائين ٻوڏ وارو پاڻي نيڪال نه ٿيندو، ٻارن کي پوليو جا ڦڙا نه پيارينداسين: احتجاج ڪندڙ*
  • *پشاور: مالاڪنڊ ۾ پي ڊي ايم جي ريلي، جلسي وارو هنڌ ظفر پارڪ کان ٻئي هنڌ منتقل *جلسي انتظاميه پاران لڳايل سامان سوات ايڪسپريس وي وٽ منتقل ڪيو ويو *جلسو ٽول پلازه وٽ روڊ تي منعقد ڪيو ويو آهي: ميزبان پيپلزپارٽي جا اڳواڻ*
  • *ميرپورماٿيلو ويجهو ڪارنهن الزام مڙهي مڙس پنهنجي زال کي قتل ڪري ڇڏيو *ڳوٺ پپلي جلباڻي ۾ جوابدار اصغر جلباڻي ڪارنھن الزام مڙهي زال کي قتل ڪري ڇڏيو*
  • *ڪراچي: دهشتگردي ٽوڙ عدالت نيوي جي ڪيپٽن ۽ پوليس اهلڪار جي قتل ڪيس جو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو *صفوران سانحي ۾ موت جي سزا ٻڌايل ڪالعدم تنظيم جي سعد عزيز ۽ ٻين تي فرد جرم ثابت *عدالت قتل جي ٻن ڪيسن ۾ سعد عزيز عرف ٽن ٽن کي گڏيل طور 50 سال قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي *جوابدار کي نيوي جي ڪيپٽن ۽ پوليس اهلڪار کي قتل ڪرڻ واري ڏوهه ۾ سزا ٻڌائي وئي *جوابدار سعد عزيز جي وارثن کي مقتولن جي وارثن کي 5-5 لک رپيا به ادا ڪرڻ جو حڪم*
  • * ڪراچي: ميري ٽائيم سڪيورٽي ايجنسي ڪارروائي ڪري 6 ماهيگيرن کي ٻڏڻ کان بچائي ورتو *ايجنسي جي فاسٽ ريسپانس بوٽ سمنڊ ۾ موجود هئي جنهن ايمرجنسي ڪال اٽينڊ ڪئي *ملاحن جي ٻيڙي سمنڊ ۾ ماڙا کان 6 ٽائيڪل تي هئي ته ٻيڙي جو فاسٽ ٽٽي پيو هو *ريسپانس يونٽ فوري طور پهچي 6 ملاحن کي ٻڏڻ کان بچائي ورتو، کين طبي امداد ڏني وئي *
  • *ڪراچي بار ۾ مبينا ڪرپشن وارو معاملو،نئين ڪابينا پاران 15 سالن جي آڊٽ ڪرائڻ جو فيصلو *ڪراچي بار 2006 کان 2020 تائين آڊٽ ڪرائڻ جو فيصلو ڪري ورتو *ڪراچي بار جي آڊٽ لاءِ اي ايف فرگيونس کي خط اماڻيو ويو *بار جي اڳوڻي ڪابينا تي ڪرپشن جو الزام آهي: جنرل سيڪريٽري *
  • *ڪرونڊي: نوجوان اتحاد طرفان صفائي نه ٿيڻ ۽ منشيات جي وڪري خلاف فيض گنج جي عدالت ۾ درخواست داخل *درخواست ۾ ايس ايڇ او اڪري، فيض گنج، ڊي سي خيرپور ۽ ٻين کي ڌر بڻايو ويو *ڪرونڊي شهر ۽ ڀرپاسي ۾ سرعام وڪرو ٿي رهي آهي: درخواست ۾ موقف *شهر ۾ صفائي نه ٿيڻ ڪري بيماريون ڦھلجي رهيون آهن: درخواست ۾ موقف *عدالت درخواست ٻڌڻ جوڳي قرار ڏيندي ڌرين کي 15جنوري تي طلب ڪري ورتو *
  • *پيپلزپارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري مالاڪنڊ پهچي ويو، يوسف رضا گيلاني ۽ ٻيا به گڏ *شيري رحمان، راجا پرويز اشرف، نيئر بخاري ۽ ٻيا اڳواڻ به بلاول سان گڏ مالا ڪنڊ پهچي ويا *بلاول مالاڪنڊ ۾ پي ڊي ايم جي ريلي جي قيادت ڪندو ۽ مختلف هنڌن تي خطاب ڪندو*
  • *سنڌڙي: ميرپورخاص ۾ پسند جي شادي تان حملي ۾ زخمي ڪيل ناري فاطمه ڳاھو حيدرآباد اسپتال ۾ دم ڏئي ڇڏيو *ميرپورخاص جي سيٽ لائيٽ ٿاڻي جي حد سرڪاري ڪواٽرز ۾ 4ڏينهن اڳ ناري کي زخمي ڪيو ويو هو *مقتولا جي ڏير امير اعظم مري جي فرياد تي سيٽ لائيٽ ٿاڻي تي الھه جڙيو ڳاھو سميت5جوابدارن تي ڪيس داخل*