ووٽ کي عزت ڏيو جي پڄاڻي بجيٽ سان بوٽ کي عزت ڏيو تي ٿي وئي: اپوزيشن ليڊر
جُون 21, 2024
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر عمر ايوب بجيٽ تي بحث جي شروعات ڪندي چيو ته عوام ۽ پاڪستان خلاف بجيٽ اڪنامڪ هٽ مين ٺاهي آهي، بجيٽ هڪ غيرقانوني دستاويز آهي جيڪو هتي پيش ٿيو، بجيٽ جڏهن پيش ٿيندي آهي ته فنانس بل سميت سمورا دستاويز هتي پيش ڪرڻا هوندا آهن، ايوان ۾ اهي دستاويز آيا ئي ناهن صرف ناڻي وزير جي تقرير هئي. حڪومت تي تنقيد ڪندي عمر ايوب چيو ته 50سالن ۾ سڀ کان گهٽ سيڙپڪاري موجوده حڪومت ۾ ٿي، حڪومت سمورن انگن اکرن ۾ ٻه نمبري ڪري رهي آهي، ملڪ ۾ بيروزگاري وڌي وئي آهي، في ڪس آمدني گهٽ ٿي آهي، هن چيو ته شهباز شريف پاڻ کي تڪراري بڻائي خوش ٿيندو آهي، ڪرپشن ۾ ملوث ماڻهو ڪرپشن ڪيئن ختم ڪري سگهن ٿا؟ هن چيو ته شهباز شريف جي چين دوري تي سندس استقبال ڊپٽي ميئر ڪيو ۽ حڪومت ان کي ڪامياب دورو چئي رهي آهي، حڪومت جو واسطو دوکو ڏيندڙن سان پيو آهي، ڇو ته پهريان اهي وٺي آيا ۽ هاڻ آري سان سيٽ ڪٽي رهيا آهن، هن چيو ته هڪ جعلي ارسطو باني پي ٽي آءِ کي پنج سال جيل ۾ رکڻ جي ڳالهه ڪئي ڇا هي ملڪ ڪوئي بنا ريپبلڪ آهي، احسن اقبال جهڙن وزيرن جي ڪري سيڙپڪاري نه ٿي رهي آهي، عمر ايوب چيو ته ساڍا 8 هزار ارب خساري واري بجيٽ آهي، ڪوئي نئون منصوبو شامل ناهي، ٻڌايو وڃي ته 92سيڪڙو خسارو ڪير پورو ڪندو؟ بينڪن مان قرض ورتو ويندو ته اهو ايئن آهي شگر جي مريض کي ٻه ٽئي گڏ گلوڪوز جون ڊرپس لڳايون وڃن، نتيجو مهانگائي جي صورت ۾ نڪرندو. اپوزيشن ليڊر عمر ايوب بجيٽ کي ڊڊو بجيٽ قرار ڏيندي چيو ته هي بجيٽ حقيقت ۾ پاڪستان جي عوام ۽ مستقبل سان معاشي دهشتگردي آهي، هن بجيٽ جي ڪهاڻي جي شروعات ووٽ کي عزت ڏيو جي بيانيي سان ٿي ۽ پڄاڻي بوٽ کي عزت ڏيو تي ٿي. هن چيو ته اسان ڏيڏر کي ديسي ٻولي ۾ ڊڊو چوندا آهيون ۽ هي بجيٽ ڊڊو آهي، عوام سان فراڊ آهي، عوام کي ڌاڙو آهي، هِٽ مين ذريعي ٺاهيل بجيٽ ملڪ جا بنياد لوڏي ڇڏيندي، اهو ڪيترائي ڀيرا هتي آيو ۽ پويان کنڊر ڇڏي ويو،لنڊن پلان ذريعي عدم اعتماد آڻي معيشت کي پٽڙي تان لاٿو ويو ۽ نتيجو هي ڊڊو بجيٽ آئي، بجيٽ ۾ هنن پاڻ لاءِ کڏ کوٽي آهي ۽ پنهنجي مٿان مٽي وجهي چون ٿا ته اسان کي بچايو، بچائڻ وارو هڪ ئي شخص آهي جنهن جو نالو عمران آهي. هن چيو ته عمران چوندو ته پيٽ تي پٿر ٻڌو ته قوم پٿر ٻڌندي، هي چوندا ته ماڻهو کين جواب ڏيندا پهريان پنهنجو پيٽ ته اندر ڪريو، عمر ايوب چيو ته هي حڪومت ذبح ٿي وئي آهي، ڇا پ پ بجيٽ جي حمايت ڪندي؟ پهرين ڏينهن ته هڪ ٻه ماڻهو ويٺا هئا، حڪومت فارم 47 جي پيداوار آهي جيترو جلد ٿي سگهي سمجهي وڃي ته بهتر آهي، هي غيرقانوني ۽ عوام دشمن بجيٽ آهي.