وڳڻ ۽ ڀرپاسي روڊ رستا تباهه، پلون زبون حال، ترقياتي اسڪيمون رولڙي جو شڪار

جُولاءِ 8, 2024

وڳڻ (رپورٽ: نادرممتاز ڀنڊ ) وڳڻ جي علائقي کي ڳنڍيندڙ روڊ وارثي نه ٿيڻ سبب تباهه ٿي ويا، ڪيترن ئي ڳوٺن جو زميني رابطو ڪٽيل آھي، ڪروڙن جي بجيٽ ڪاغذي ڪارروائين ۾ ھڙپ ٿي وئي، چونڊيل نمائندن روڊن جي نئين اسڪيم نه ڏئي سگھيا، سالن کان نظر انداز ٿيل لنڪ روڊ کڏا پوڻ ۽ پلون زبون ٿيڻ ڪري سفر ڪرڻ جي لائق نه رھيا. روڊن جون اسڪيمون رولڙي جو شڪار ٿي ويون، ھزارين آبادي واري علائقي جا رھواسي سفري سھولت کان محروم بڻجي ويا، حادثا روز جو معمول بڻجي ويا تڪ جي چونڊيل نمائندن جا واعدا وفا نه ٿي سگهيائ علائقي واسين عاشق علي تنيو، مير خالد منور چانڊيو، ظفر علي مغيري، سرفراز گوپانگ ، فقير غلام نبي، ممتاز وڳڻ، خدمت علي ڀنڊ ،  زاھد علي اياز چانڊيو عبدلقادر مغيري ۽ ٻين چيو ته علائقو کنڊر بڻجي ويو آھي، ڪوبه ترقياتي ڪم نه ٿيو آھي، نه ئي سفر جي سھولت ملي آھي، ٻه سال اڳ آيل مھا برساتن جي تباھڪارين بعد علائقي جا روڊ تباهه ٿي ويا آھن، ھزارين آبادين وارن ڳوٺن جو زميني رابطو ڪٽيل آھي، جڏھن ته روڊ تي اڏيل پلون به ختم ٿي ويون آھن، پلن جا پلر ۽ ديوارون ڊھي پيون آھن، پلن جي وچ ۾ وڏا سوراخ ٿي ويا آھن، جتي ھر وقت جاني نقصان جو خطرو رھندو آھي، اھڙي صورتحال ۾ ڪيترا ڀيرا شڪايتون ڪيون آھن، پر ڪير ٻڌڻ لاءِ تيار ناھي،  تازو جنرل اليڪشن ۾ تڪ جي چونڊيل نمائندن جا واعدا ڪري ووٽ وٺي ويا ته علائقي ۾ روڊن سميت بنيادي سھولتون فراھم ڪيون وينديون، پر رڳو آسرا مليا ھن وقت تائين روڊن جي مرمت نٿي سگھي آ نه ئي ڪا نئين اسڪيم ڏني وئي آھي، اھڙي صورتحال ۾ اسان چونڊيل نمائندن مان نااميد آھيون ۽ آئنده ووٽ جو بائيڪاٽ ڪنداسين.

روڊ تباهه آھن، گاڏيون نٿا ھلائي سگھون: ٽرانسپورٽر

وڳڻ: علائقي جي روڊ جي زبون حاليءِ تي مسافر گاڏين جي ڊرائيورن اعجاز مغيري ، محمد ڀنڊ ، آدم خان ۽ ٻين جو چوڻ  ھو ته علائقي جا روڊ تباهه آھن،  جتي گاڏيون نٿا ھلائي سگھون روڊن جي حالت ڏسي ڪيترن ئي ٽرانسپورٽرن پنھنجون گاڏيون بند ڪري ڇڏيون آھن،  لکين روپين جون نيون گاڏيون به ھن روڊن سان سفر ڪندي ڪٻاڙ بڻجي ٿيون وڃن ٿيون ھاڻي ته ڪير به ٽرانسپورٽر علائقي جي روڊن سان مسافر گاڏيون ھلائڻ لاءِ تيار ناھي، اسان دانھين ٿڪجي پيا آھيون ، پر روڊن جي ڪير به وارثي نٿو ڪري جيڪڏھن روڊن جي اھڙي ئي صورتحال رھي ته اسان به گاڏيون بند ڪري ڇڏينداسين .

روڊ زبون هئڻ سبب منٽن جو سفر ڪلاڪن ۾ ٿيڻ لڳو

وڳڻ: روڊن مان پٿر نڪرڻ ۽ وڏا کڏا پوڻ سبب ڪا به سواري ھلڻ لاءِ تيار ناھي مجبورن جيڪڏھن سفر ڪرڻو ٿو پوي ته منٽن جو سفر ڪلاڪن ۾ طئي ٿئي ٿو، هنن چيو ته جيڪڏهن ڪو حادثو ۽ ايمرجنسي ۾ مريض کي اسپتال کڻي وڃڻو پوي ٿو ته اڌ رستي ۾ علاج کان اڳ مريض فوت ٿي وڃي ٿو.

40 ڳوٺن جا لنڪ روڊ مڪمل تباهه ٿي ويا

وڳڻ: شيرخان جتوئي وايا مين روڊ عالي، کبڙ وايا خيرو خان، وڳڻ وايا ڏاتو تيوڻو، قبول تيوڻو وايا چئوديرو، ملوڪ تنيو وايا مين روڊ، قادر بخش جتوئي وايا عالي کبڙ، علي اصحابو وايا ڏاتو تيوڻا، وڪا موري وايا لُنڊي، ڳوٺ ڪلھوڙا وايا وڳڻ، ڦال وايا صوبدار جتوئي، کٽڻ خان مغيري وايا خيرو جتوئي روڊ سميت 40 ڳوٺن جا لنڪ روڊ تباهه ٿي ويا.

Leave A Comment