پاڪستان ۾ پاڻي تيزي سان گهٽ ٿي رهيو آهي: موسمياتي تبديلي واري کاتي جو اعتراف

آگسٽ 21, 2024

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) موسمياتي تبديلي واري کاتي جي اختيارين اعتراف ڪيو آهي ته پاڪستان ۾ پاڻي تيزي سان گهٽ ٿي رهيو آهي. سينيٽ جي موسمياتي تبديلي بابت اسٽينڊنگ ڪاميٽي جو اجلاس شيري رحمان جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ موسمياتي تبديلي واري وزارت جي اختيارين اسٽينڊنگ ڪاميٽي کي بريفنگ ڏني. جڏهن ته چيئرمين موسمياتي تبديلي جي ڪارڪردگي تي ناراضگي جو اظهار ڪيو. موسمياتي تبديلي واري وزارت جي اختيارين جو چوڻ هو ته ڪجهه صنعتي شعبن تي ڪاربان ٽيڪس لڳڻ سان ڪيترائي فائدا ٿيندا، جنهن تي شيري رحمان چيو ته ڪاربان ٽيڪس هڪ ٽيڪنيڪل معاملو آهي، ان حوالي سان صنعت واري وزارت سان ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي آهي. موسمياتي تبديليءَ جي اختيارين چيو ته موسمياتي تبديليءَ جا 441 ملين ڊالرز جا منصوبا منظور ڪيا ويا آهن، پاڪستان ۾ پاڻي تيزي سان گهٽ ٿي رهيو آهي، اسان چاهيون ٿا ته ٻوڏ جو پاڻي واهن ڏانهن رخ ڪري. ان حوالي سان شيري رحمان چيو ته اسان جي ملڪ ۾ موسمياتي تبديليءَ کي پاسي تي رکيو ويو آهي. وزارت جون اختياروين وزارت جي ذميوارين بابت به ٻڌائين.؟ موسمياتي تبديلي وزارت جي آفيسرن وٽ ماحوليات ۾ مهارت ناهي هوندي، پرڏيهي وزارت وانگر ماحوليات واري وزارت جو به پيٽرن ٺاهڻ جي ضرورت آهي.

Leave A Comment