منڇر ۾ پاڻي سطح وڌڻ لڳي: ايم اين وي ڊرين جي بندن جي حالت نهايت خراب، فلڊ الرٽ جاري
آگسٽ 31, 2024
سيوهڻ(رپورٽ:اشرف عطار) ايشيا جي مٺي پاڻيءَ جي وڏي قدرتي ڍنڍ منڇر ڍنڍ ۾ پاڻي ڇوڙ ڪندڙ ايم اين وي ڊرين جي بندن جي حالت انتهائي خراب ٿي وئي آهي
بندن کي هنڌان هنڌان ڏار پيل آهن، جنهن ڪري پاڻيءَ جي دٻاءَ جي صورت ۾ گهارا پوڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي ۽ علائقو ٻوڏ جي لپيٽ ۾ اچي سگهي ٿو، ايم اين وي ڊرين جي بندن کي 2022ع جي ٻوڏ دوران لڳل گهارا پڻ بند نه ٿي سگهيا آهن
ڀان سيدآباد جي حدن ۾ 20 آر ڊيز تي مشتمل ايم اين وي ڊرين جي بند کي 14 مختلف هنڌن تي گهارا پيا هئا، جڏهن ته منڇر کي ڪٽ ڏنا ويا هئا، جنهن ڪري علائقي ۾ ٻوڏ آئي هئي
ايم اين وي ڊرين جي بندن جي مضبوطي جو ڪم نه ٿيڻ سبب هڪ دفعو ٻيهر علائقي ۾ ٻوڏ جو خطرو پيدا ٿي ويو آهي ۽ رهواسين جو ساهه مٺ ۾ اچي ويو آهي
هوڏانهن واپڊا اسڪارپ کاتي جي عملدارن طرفان ايم اين وي ڊرين جي بند تي هڪ طرف کان مٽي ڪڍي ٻئي طرف مٽي وجهڻ سبب بند انتهائي ڪمزور ٿي ويو آهي، ايم اين وي ڊرين جا بند ٽٽڻ جي صورت ۾ ڀان سيدآباد شهر سميت سيوهڻ تعلقي جي يوسيز واهڙ، جعفرآباد، يوسي شيخ، دادو جي يوسيز بوبڪ، آراضي، يوسي واهڙ ۽ دادو شهر ۽ ان جي يوسين خدا آباد، يار محمد ڪلهوڙو کي پڻ خطرو هوندو
ان سلسلي ۾ مقامي رهواسين مولابخش ملاح، منظور حسين جمالي، شاهه محمد پنهور ۽ ٻين ٻڌايو ته ايم اين وي ڊرين جو بند سنڌ حڪومت ۽ آبپاشي کاتو اهو چئي مضبوط نه ٿا ڪن ته اها ذميواري وفاقي سرڪار جي آهي، هنن چيو ته ماڻهو 2022ع واري ٻوڏ جي نقصانن مان ئي نه نڪتا آهن ته مٿان وري ٻوڏ جي الرٽ ۽ بند جي ڪمزوريءَ اسان جو ساهه سڪائي ڇڏيو آهي
هنن مطالبو ڪيو ته ايم اين وي ڊرين جي بند جو هنگامي بنيادن تي پائدار ۽ مضبوطيءَ وارو ڪم ڪرائي اسان کي هڪ دفعو ٻيهر ٻڏڻ کان بچايو وڃي
ٻئي پاسي منڇر ۾ پاڻيءَ جو چاڙهه برقرار آهي، جنهن ڪري پاڻي جي سطح ساڍا 16 فوٽ رڪارڊ ڪئي وئي آهي، سنڌ ۽ بلوچستان سميت سڄي ملڪ ۾ تيز برساتن ۽ جابلو نئين جو پاڻي داخل ٿيڻ کانپوءِ اڙل هيڊ ريگيوليٽر ذريعي سنڌو درياءَ جو پاڻي به واڌارو اچڻ سبب منڇر ڍنڍ وارو پاڻي ڇوڙ ٿيڻ بند آهي، جنهن ڪري ايشيا جي مٺي پاڻيءَ جي سڀ کان وڏي قدرتي ڍنڍ منڇر ۾ پاڻيءَ جي سطح ۾ تيزيءَ سان اضافو ٿي رهيو آهي
رات دير تائين منڇر ۾ پاڻيءَ جي سطح.115.5 آر ايل يعني ساڍا 15 فوٽ رڪارڊ ڪئي وئي، منڇر ڍنڍ ۾ چاڙهه جو سلسلو جاري آهي پر آبپاشي انتظاميا طرفان صورتحال مڪمل ضابطي هيٺ هجڻ جي دعويٰ ڪئي پئي وڃي
ٻئي پاسي ٻوڏ جو خطرو هجڻ سبب ڀان سيدآباد گرڊ اسٽيشن کي رِنگ بند ڏيڻ جو ڪم شروع ڪيو ويو آهي، پراونشل ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي پاران ڄامشوري ضلعي اندر ٻوڏ جو الرٽ جاري ڪرڻ کانپوءِ ڀان سيدآباد گرڊ اسٽيشن جي ديوارن جو مرمتي ڪم ۽ چوڌاري مٽيءَ جو رِنگ بند ڏيڻ جو ڪم شروع ڪيو ويو آهي
واضح رهي ته 2022ع جي ٻوڏ ۾ گرڊ اسٽيشن مڪمل طور ٻڏي وئي هئي، جنهن ڪري ڏيڏ مهينو بجليءَ جي فراهمي معطل ٿي وئي هئي