پاڻيءَ جي کوٽ خلاف ميرپورخاص ضلعي جي آبادگارن جو ڌرڻو

جُون 12, 2024

پاڻيءَ جي کوٽ خلاف ميرپورخاص ضلعي جي آبادگارن جو وڏو ڌرڻو، مظاهرين جمڙائو موري مٿان شاميانا هڻي حيدرآباد مين روڊ بند ڪري ڇڏيو، شاخن جي پڇڙيءَ ۾ پاڻي ملڻ تائين ڌرڻو جاري رکڻ جو چتاءُ، آبادگار اڳواڻن چيو ته پاڻيءَ جي کوٽ خلاف اڄ ڪفن پائي نڪتا آهيون، ٽن ڏينهن تائين ڌرڻو جاري رکڻ بعد سي ايم هائوس آڏو ڌرڻو هڻنداسين، ڌرڻي ۾ نئون ڪوٽ ۽ سنڌڙي سميت ضلعي جي مختلف شهرن جا آبادگار شريڪ، سنڌڙي ۾ به آبادگارن پاران پاڻيءَ جي کوٽ خلاف ڌرڻو هڻي ايس ڊي او آبپاشي جو گهيراءُ ڪيو ويو، گرهوڙ شاخ جي آبدگارن کپرو-ميرپورخاص روڊ تي ڌرڻو هڻي ٽائر ساڙيا، ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل، ڌرڻي واري هنڌ تان گذرندڙ ايس ڊي او آبپاشي سليم نارائي جي گاڏيءَ جو به گهيراءُ ڪيو ويو

Leave A Comment