ميرپورخاص ۾ نارا ڪئنال مان پاڻي چوريءَ خلاف آبادگار سراپا احتجاج

جُون 1, 2024

ميرپورخاص ۾ نارا ڪئنال مان پاڻي چوريءَ خلاف آبادگار سراپا احتجاج، ٽيل آبادگار ويلفيئر ايسوسيئيشن جي سڏ تي سوين آبادگارن جا بس ٽرمينل کان جلوس ڪڍي ڪمشنر آفيس ۽ پريس ڪلب اڳيان ڌرڻا، آبادگارن جو چوڻ هو ته نارا ڪئنال جو سمورو نظام ناڪارا بڻجي ويو آهي، هنڌان هنڌان لفٽ مشينن ذريعي ۽ موڳا ڀڃي پاڻي چوري ڪيو پيو وڃي، احتجاج باوجود ڊائريڪٽر نارا ڪئنال ۽ ٻيا عملدار پاڻي چوري روڪڻ لاءِ تيار ناهن، هفتيوار وارابندي وڌائي 15 وار ڪرڻ سبب ويتر فصل تباهه ٿي ويا آهن

Leave A Comment