اسان ته نه چيو هو ته انٽرا پارٽي اليڪشن نه ڪرايو، انٽرا پارٽي چونڊون ڪرايون وڃن ها ته سمورا مسئلا حل ٿي وڃن ها: چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ
جُون 4, 2024
اسان ته نه چيو هو ته انٽرا پارٽي اليڪشن نه ڪرايو، انٽرا پارٽي چونڊون ڪرايون وڃن ها ته سمورا مسئلا حل ٿي وڃن ها، عدالت تي هر شيءِ جو ملبو نه وڌو وڃي، آزاد اميدوار سني اتحاد ڪائونسل ۾ نه وڃن ها ته پي ٽي آءِ جو ڪيس سٺو هو، پي ٽي آءِ چئي سگهي ها ته هي اسان جا ماڻهو آهن سيٽون اسان کي ڏيو، ڪهڙي دليل تي پي ٽي آءِ جو اهو موقف رد ٿئي ها؟ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جا فل ڪورٽ پاران مخصوص سيٽن بابت ڪيس جي ٻڌڻي دوران رمارڪس، جسٽس منيب اختر رمارڪس ۾ چيو ته سياسي جماعت کي چونڊ نشان کان محروم ڪرڻ سموري تڪرار جو سبب بڻيو، چيف جسٽس جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي 13 رڪني فل ڪورٽ مخصوص سيٽن واري ڪيس جي ٻڌڻي هلائي، جسٽس منيب اختر رمارڪس ۾ چيو ته چونڊ نشان جو مسئلو اليڪشن ڪميشن جو پنهنجو پيدا ڪيل هو، اليڪشن ڪميشن اميدوارن کي آزاد قرار ڏئي پنهنجي پيدا ڪيل مسئلي جو حل ڪڍيو، چيف جسٽس چيو ته انٽرا پارٽي چونڊون نه ٿيڻ تي سياسي جماعت کي نشان نه مليو، ڇا ڪنهن اميدوار بيٽ جي نشان لاءِ رجوع ڪيو هو؟ سني اتحاد ڪائونسل جي وڪيل فيصل صديقي چيو ته اليڪشن ڪميشن کي درخواست ڏني وئي، رد ٿيڻ تي آرڊر چئلينج به ڪيو ويو، جسٽس اطهر من الله چيو ته چونڊ نشان رڳو سياسي جماعت جي سهولت لاءِ آهي، چونڊ نشان کانسواءِ به سياسي جماعت پارٽي طور اليڪشن وڙهي سگهي ٿي، اصل اسٽيڪ هولڊر ووٽر آهي، پي ٽي آءِ لاڳيتو شڪايت ڪري رهي هئي ته ليول پليئنگ فيلڊ نه پئي ملي، چيف جسٽس چيو ته اها شڪايت اسان جي سامهون نه آهي، جسٽس اطهر من الله چيو ته اسان بنيادي حقن جا محافظ آهيون، اسان کي ڏسڻو آهي ته ووٽرز جي حقن جو تحفظ ڪيئن پئي ٿي سگهيو، سني اتحاد ڪائونسل جي وڪيل چيو ته سپريم ڪورٽ بيٽ جي نشان واري فيصلي جي وضاحت ڪري ها ته سمورا مسئلاحل ٿي وڃن ها، چيف جسٽس چيو ته پي ٽي آءِ جماعتي چونڊون ڪرائي ها ته اڄ سيٽن وارو مسئلو نه ٿئي ها، عدالت تي هر شيءَ جو ملبو نه وڌو وڃي، 13 رڪني فل ڪورٽ ڪيس جي ٻڌڻي 24 جون تائين ملتوي ڪري ڇڏي