ميڊيا تي پابندي لڳائڻ نٿا چاهيون پر ان جو مطلب اهو ناهي ته ڪوڙ ڳالهايو وڃي: چيف جسٽس

سيپٽمبر 13, 2024

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ سينيٽر فيصل واوڊا ۽ مصطفيٰ ڪمال خلاف توهين عدالت ڪيس ۾ پاڪستان براڊ ڪاسٽرز ايسوسئيشن جو معافي نامو نشر ڪرڻ جي خاطري تي غيرمشروط معافي منظور ڪري ورتي. چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ريمارڪس ڏنا آهن ته ميڊيا رياست جو چوٿون پلر آهي، ميڊيا پارليمينٽ ۽ عدليه تي چيڪ آهي، ميڊيا تي پابندي لڳائڻ نٿا چاهيون پر ان جو مطلب اهو ناهي ته ڪوڙ ڳالهايو وڃي. چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ جسٽس عرفان سعادت، جسس نعيم اختر ۽ جسٽس شاهد بلال تي مشتمل چار رڪني بينچ ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي شروع ٿي ته پاڪستان براڊ ڪاسٽرز ايسوسئيشن جي وڪيل فيصل صديقي عدالت کي ٻڌايو ته مان 26 چئنلز جي نمائندگي ڪري رهيو آهيان. عدالتي نوٽيس تي سمورا ٽي وي چئنلز مالڪ عدالتي ڪمري ۾ موجود آهن. انهن پاران عدالت ۾ جواب جمع ڪرايا ويا آهن. جنهن ۾ غير مشروط معافي گهري وئي آهي. جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ريمارڪس ڏيندي چيو ته ان دوران ڪجهه سکيو به آهي يا پوءِ نتيجن جي خوف کان معافي گهري رهيا آهن؟ اوهان پنهنجو مائينڊ ڇو تبديل ڪيو؟ وڪيل جواب ڏنو ته جي بلڪل سکيو آهي. جواب ۾ سڀ تفصيل لکيل آهن، غير مشروط معافي گهرڻ جا ٽي وڏا ڪارڻ لکت واري جواب ۾ لکيل آهن. چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو ته ڪنهن چئئنل عدالت جي پهرين فيصلي کي صحي طريقي سان نشر نه ڪيو. چئنلز هن فيصلي کي ته دٻائي ڇڏيو. وڪيل فيصل صديقي جواب ڏنو ته اسان فيصلي واري خبر چئنلز تي هلندي ڏٺي آهي. شايد تفصيلي نشر نه ڪئي وئي هوندي. چيف جسٽس جواب ڏنو ته هي ماڻهو جيتريون گاريون ڏيندا آهن اوتريون جيڪڏهن پاڻ کي به ڏين ته انهن کي معلوم ٿئي، گاريون ڏيڻ ڪهڙي فريڊم آف ايڪسپرييشن آهي. ڇا اوهان اسڪول جا ٻار آهيو اسان اوهان کي سڀ ٻڌايون ته ڇا صحي آهي ۽ ڇا غلط آهي. جنهن کي وڻي ٿو اُهو ادارن کي برو ڀلو چوي ٿو. هر اداري کي پنهنجي ذميواري کي سمجهڻ گهرجي. هر وقت ڪوڙ  ڪوڙ ڳالهايو ويندو آهي. چيف جسٽس ڪورٽ رپورٽنگ ڪندڙ صحافين جي باري ۾ چيو ته ڪورٽ ۾ اهڙا رپورٽر موڪليا ويندا آهن جن کي قانون جي اي بي سي به ناهي ايندي. اِن کان پهريان ڪورٽ رپورٽنگ لاءِ سينيئر رپورٽز کي موڪليو ويندو هو. جن کي قانون جي باري ۾ ڄاڻ هوندي هئي پر اوهان کي ته سڌي خبر ڏيندڙ رپورٽر نه گهرجي. ڊس انفارميشن ڦهلائي ويندي آهي ان جو ڪو چيڪ اينڊ بلينس ناهي هوندو. اسان ته اڄ تائين ناهي ٻڌو ته ڪنهن ڪوڙي خبر ڏيندڙ کي ڪڍيو ويو هجي. چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي وڌيڪ چيو ته اوهان ته هڪ خبر ڏيندا آهيو ڇا اسان روزانو ائين وضاحتون ڏيندا رهون. ان دوران وڪيل چيو ته منهنجي خيال ۾ چئنلز کي گهرجي ته ڊس انفارميشن کي روڪڻ ۽ ڊس انفارميشن جي حوالي سان سمورا چئنلز  پنهنجي پاليسي لاڳو ڪن. جڏهن ته ان متعلق پيمرا قانون ۾ شقون به موجود آهن. جنهن تي چيف جسٽس چيو ته اوهان کي ڇا ٿو لڳي ته انهن کي خبر ناهي سٺو ۽ خراب ڇا آهي؟ چيف جسٽس چيو ته پيمرا رولز تحت ڪنهن کي بي عزت نٿا ڪري سگهن. جسٽس عرفان سعادت ريمارڪس ڏنا ته پيمرا قانون جي شق 29 اي تحت اوهان چاهيو ٿا ته پيمرا ڪاروائي ڪري؟ وڪيل صاحب اوهان جي دليلن کان لڳي ٿو ته نماز بخشرائڻ ويا هئا ۽ روزا ڳچي ۾ پئجي ويا. اوهان جي پنهنجي جواب ۾ لکيل آهي ته انهن جي تقرير چار ڀيرا نشر لاءِ مقرر ڪئي وئي. ڇا فيصل واوڊا ۽ مصطفيٰ ڪمال جي عدليه مخالف ڳالهين جي ڪنهن چئنل مزمت ڪئي؟ ڪنهن به نه ڪئي. وڪيل فيصل صديقي چيو ته پريس ڪانفرنس ۾ ڪيل توهين آميز ڳالهيون ٻيهر نشر نه ٿيڻ گهرجن ها. ٿي سگهي ٿو اِن جو ڪجهه حصو نشر ڪيو ويو هجي. چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته ڇا اوهان ڪنهن عوامي مسئلن تي پروگرام ناهيو ڪندا؟ ريٽنگ لاءِ صرف گاريون ڏيڻ وارن کي گهرائيندا آهيو. اوهان پڙهيل لکيل ماڻهن کي ڇو ناهيو گهرائيندا. ؟ سياسي ڳالهيون ڪرڻ لاءِ پارليمينٽ جو فورم موجود آهي. پارليمينٽ جي ڪارروائي پي ٽي وي کان سواءِ ڪو چئنل ناهي ڏيکاريندو. 12 ربيع الاول آهي ته هاڻي اخلاق تي ته ڪو ڳالهه نه ڪندو. چونڊيل ميمبر پريس ڪانفرنس ڪرڻ ايندا آهن ته اوهان کي رڙيون ڪرڻيون پونديون آهن. انهن جي غلط ڳالهه ٻيهر ته نه هلايو. وڪيل چيو ته هن وقت ملڪ ۾ سڀ کان وڏو مسئلو روڊ حادثا آهن جن ۾ سڀ کان وڌيڪ ماڻهو مري ويندا آهن. چيف جسٽس چيو ته ڇا اوهان وٽ اِن حوالي سان ڪا ڊيٽا آهي؟ وڪيل جواب ڏنو ته مون وٽ هن وقت ڪا ڊيٽا ناهي. چيف جسٽس وڪيل کي چيو ته ٽي وي چئنلز وارا ڳالهيون بار بار هلائيندا آهن، ڇا ان بعد اهان به اهو چئي سگهو ٿا ته اهي اسان جا لفظ ناهن؟ ڇا اوهان اهڙو ڪو پيغام ڏيندا آهيو ته پروگرام ۾ مهمان جي راءِ کان متفق ناهيو؟ ان دوران چيف جسٽس وڪيل کان پڇاڻو ڪيو ته هن وقت ملڪ ۾ سڀ کان وڏو نيوز چئنل ڪهڙو آهي. وڪيل جواب ڏنو ته منهنجي خيال ۾ جيو نيوز سڀ کان وڏو ادارو آهي ٻئي نمبر تي اي آر وائي پر ان وقت پي بي اي جو سربراهه عدالت ۾ موجود آهي. ان کان پڇون ٿا. چيف جسٽس پي بي اي جي سربراهه شڪيل مسعود کي روسٽرم تي گهرائي ورتو ۽ پڇيو ته سڀ کان وڏو چئنل ڪهڙو آهي؟ ان بعد ڪهڙو چئنل آهي. شڪيل مسعود روسٽرم تي اچي چيو ته جيو نيوز پهريون اِن بعد اي آر آئي ٻئين نمبر تي آهي. ڊان نيوز ستين نمبر تي آهي. چيف جسٽس چيو ته ڇا ڊان نيوز بند ٿي ويو آهي؟ جواب ڏنو ويو ته ڊان انگلش نيوز بند ٿي ويو آهي ۽ اردو هلي رهيو آهي. ۽ ان اداري ۾ چاليهه سالن کان نوڪري ڪري رهيو آهيان. چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته ڊان اخبار هڪ سٺي اخبار آهي. جسٽس عرفان سعادت چيو ته هن وقت هر طرف يوٽيوبرز ۽ انفليونسرز نظر ايندا آهن. چيف جسٽس چيو ته ڇا انهن لاءِ ڪو مڪنيزم آهي؟ جيڪڏهن پي بي اي کي چون ته اُهي يوٽيوبرز کي تربيت ڪن ته ڇا اهي ڪندا؟ شڪيل مسعود جواب ڏنو ته يوٽيوبرز پي بي اي، ايمنڊ ۽ ٻين پليٽ فارم جي دائري ۾ نٿا اچن. اسان خود احتسابي جي عمل کي بهتر بڻائينداسين. ايڊيشنل اٽارني جنرل عامر رحمان روسٽرم تي آيو ۽ چيو ته غير مشروط معافي صرف توهين جي شدت کي گهٽ ڪندي آهي. 1996 جوخالد مسعود ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ جو فيصلو موجود آهي. جنهن ۾ عدالت طئي ڪري چڪي آهي ته توهين عدالت ڪيس ۾ نيت ناهي ڏٺي ويندي. ڊان جو پنهجو هڪ محتسب آهي. باقي ادارن ۾ به خود احتسابي هجڻ گهرجي. جنهن بعد عدالت معافي نامو نشر ڪرڻ جي خاطريي تي توهين عدالت جي درخواست ۾ غير مشروط معافي منظور ڪندي ڪيس کي اُڪلائي ڇڏيو.

Leave A Comment