بجلي اعلان تي پ پ ۽ ن ليگ آمهون سامهون: اعلان مسئلن جو سبب قرار: لاهور ۾ اسان جھڙا ادارا ٺاهي ڏيکاريو: بلاول

آگسٽ 19, 2024

ڪراچي(رپورٽ: شاهد ميراڻي) پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته جيڪڏهن وزيراعظم ڪراچي ايندو ته کيس جناح اسپتال وٺي ويندس ۽ آڇ ڪندس ته اسان کان مراد علي شاهه ۽ عذرا پيچوهو وٺي وڃو ۽ لاهور ۾ اهڙا ادارا بڻايو

هن چيو ته اسان سنڌ جي صحت جو ماڊل سمورن صوبن سان شيئر ڪرڻ لاءِ تيار آهيون، اسان جي عملي ڪارڪردگي انهن ماڻهن لاءِ سڀ کان وڏو جواب آهي جيڪي چون ٿا ته سنڌ حڪومت کان ڪجهه نٿو ٿئي

اهڙن خيالن جو اظهار پيپلز پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پاران  جناح اسپتال ۾ ٻن جديد وارڊن ۽ اسٽيٽ آف دي آرٽ سائبر نائف سهولتن جي افتتاح جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. بلاول ڀٽو زرداري وڌيڪ چيو ته چونڊ مهم دوران شهباز شريف ڪجهه ڳالهيون ڪري رهيو هو، آئون سنڌ جي وڏي وزير کي عرض ڪندس ته وزيراعظم شهباز شريف جڏهن ڪراچي اچي ته ان کي جناح اسپتال جو دورو ڪرايو وڃي، اسان کين آڇ ڪنداسين ته هو پنجاب ۾ اهڙيون اسپتالون ٺاهڻ ۾ مدد ڪرڻ لاءِ تيار آهن

هن چيو ته مراد علي شاهه اسان کان وٺي وڃو، عذرا پيچوهو کي وٺي وڃو ته جيئن لاهور ۾ به اهڙيون اسپتالون ٺاهي سگهجن. پيپلز پارٽي جي چيئرمين مخالفن تي تنقيد ڪندي چيو ته اڄڪلهه سڀ چون ٿا ته سنڌ حڪومت ڪجهه نه ڪري رهي آهي. هن چيو ته انهن کان گڊ گورننس نٿي پڄي، ميگا پراجيڪٽ نٿا ٺاهين. ۽ اسان جو عمل اهڙن ماڻهن لاءِ بهترين جواب آهي

بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اڄڪلهه پاڪستان بابت هر طرف کان خراب خبرون ٻڌڻ ۾ اچي رهيون آهن، جيڪڏهن سٺي خبر اچي رهي آهي ته اها سنڌ مان اچي رهي آهي. هن چيو ته ڪراچي ۾ صحت جي ٽن وڏن ادارن مان سٺيون خبرون اچي رهيون آهن، ڪراچي جون اهي 3 اسپتالون پاڪستان جا بهترين ادارا آهن

هن چيو ته ارڙهين ترميم تحت منتقلي کانپوءِ سنڌ حڪومت اين آءِ سي وي ڊي کي سڄي دنيا ۾ دل جي علاج جو هڪ وڏو نيٽ ورڪ بڻائي ڇڏيو آهي. اها دليل آهي ته ارڙهين ترميم تحت اختيار صوبن کي منتقل ٿيڻ سان بهتري ايندي. پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ محترمه بينظير ڀٽو جي منشور ۾ شامل هئي. اسان جناح اسپتال ۾ انهن منصوبن سان توهان جي خواب کي پورو ڪري رهيا آهيون

پيپلز پارٽي جي چيئرمين چيو ته سنڌ حڪومت اين آءِ سي وي ڊي کي بهترين اسپتال بڻائي ڇڏيو آهي، اين آءِ سي ايڇ اسپتال نه رڳو سنڌ پر سڄي ملڪ جي ٻارن جو علاج ڪري رهي آهي، ٽيلي ميڊيسن ذريعي گهرن ۾ ويهي ماڻهن کي طبي صلاحون ڏيڻ جو عمل ساراهه جوڳو آهي. جناح اسپتال محترمه بينظير ڀٽو جي ويزن جي عڪاسي آهي، 2018ع ۾ هتي آئي ۽ ٻڌايو ويو ته هن وٽ هڪ سائبر مشين آهي جيڪا تمام مهانگي آهي. هاڻي اسان سنڌ حڪومت ۽ پيشنٽس ايڊ فائونڊيشن جي سهڪار سان ٽين مشين نصب ڪئي آهي. سائبر نائيف علاج هڪ قيمتي علاج آهي. سائبر نائف سڄي دنيا ۾ مفت ۾ ڪينسر جو علاج نٿو ڪري. دنيا جا وڏا ادارا JPMC جي خدمتن کي تسليم ڪرڻ شروع ڪري رهيا آهن. جناح اسپتال جو ريڊيولاجي ڊپارٽمينٽ دنيا جي 10 وڏين اسپتالن ۾ شامل آهي. هي سڀ سنڌ حڪومت، مريض امداد فائونڊيشن ۽ سرندي وارن ماڻهن جي ڪاميابي آهي

بلاول ڀٽو زرداري چيو ته مون کي اڄ معلوم ٿيو ته سائبر نائف جو علاج صرف سنڌ ۾ ٿي رهيو آهي. ڪينسر جو پيپ سي ٽي اسڪين به صرف جناح اسپتال ۾ مفت ڪيو پيو وڃي.  مون کي اهو ٻڌي ڏک ٿيو ته پيپ سي ٽي اسڪين ٽيسٽ ٻين صوبن ۾ به وڏي قيمت تي ڪئي پئي وڃي، باقي صوبا مهانگو علاج ڪن ٿا ۽ پوءِ پرائيويٽ ڪمپنينن کي هيلٿ ڪارڊ ذريعي فائدو پهچائين ٿيون، جڏهن ته اسان وٽ پاڪستان جي 167 شهرن جي ماڻهن جو مفت علاج صرف جناح اسپتال ۾ ٿئي ٿو

ان موقعي تي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي هدايت تي 2018ع کان جناح اسپتال جي ريڊيالاجي ڊپارٽمينٽ جا خرچ سنڌ حڪومت ادا ڪري رهي آهي. هاڻي 41 لک ڊالرن جي لاڳت سان جديد سائبر نائف مشين آندي وئي آهي جنهن سان آپريشنل گنجائش چار ڀيرا وڌي وئي آهي

هن چيو ته وفاقي حڪومت 25 سالن ۾ ٽن وڏين اسپتالن کي سنڌ ۾ منتقل ڪري ڇڏيو آهي پر تنهن هوندي اوچتو عجيب و غريب اعلان ڪيا پيا وڃن جنهن تي اسان پريشان ٿي وڃون ٿا ته انهن جو جواب ڪيئن ڏينداسين. اسان کان پڇيو وڃي ٿو ته اسان ٻين صوبن جيان صحت ڪارڊ ڇو نٿا ڏيون. اسان چئون ٿا ته پرائيويٽ سيڪٽر کي 50 سيڪڙو پريميئم ڏيڻ بدران پنهنجن ادارن کي بهتر ڇو نه بڻايو وڃي

چيئرمين بلاول ۽ وزير اطلاعات به مون کان ناراض آهن ته اهي ٽي وي تي نظر ڇو نٿا اچن. مان چوان ٿو ته اسان ڪم تي يقين رکون ٿا، جيڪڏهن توهان ٽي وي تي ايندا رهندا ته توهان ڪڏهن ڪم ڪندا ؟ وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته 18هين ترميم کانپوءِ وفاقي حڪومت پهريان اسان کي اسپتال منتقل ڪرڻ لاءِ تيار نه هئي پر جڏهن هنن اسان کي ڏني ۽ اسپتال بهتر ٿي ته اوچتو وفاقي حڪومت جا نمائندا اچي ويٺا ۽ چيو ته اسپتال هلائينداسين. هڪ صاحب بار بار اچي چوندو هو ته مان بورڊ آف گورنرس جو صدر آهيان ۽ اسپتال هلائيندس، هڪ وقت هو جڏهن آيو، اسان کيس چاٻيون ڏنيون ۽ چيو ته ٽنهي ادارن کي هلايو پر هو پوئتي هٽيو بهرحال، ڏکائيون اڃا تائين آهن.

Leave A Comment