اسان پنهنجي آئيني حدن کي چڱيءَ ريت ڄاڻون ٿا، اسان ٻين کان به آئيني حدن جي پاسداري کي مٿانهون رکڻ جي توقع رکون ٿا: آرمي چيف جنرل عاصم منير
مَي 2, 2024
اسان پنهنجي آئيني حدن کي چڱيءَ ريت ڄاڻون ٿا، اسان ٻين کان به آئيني حدن جي پاسداري کي مٿانهون رکڻ جي توقع رکون ٿا، آئين جي آرٽيڪل 19 ۾ اظهار جي آزادي ۽ راءِ جي اظهار جون حدون مقرر ڪيون ويون آهن، انهن حدن جي لتاڙ ڪندڙ ٻين تي آڱريون نه ٿا کڻي سگهن: آرمي چيف جنرل عاصم منير جو پاڪ ايئرفورس جي پاسنگ آئوٽ پريڊ کي خطاب، آرمي چيف پاس آئوٽ ٿيندڙ ڪيڊٽس کي خطاب ڪندي چيو ته توهان اسان جي اميدن جو مرڪز، آسمانن جا محفافظ ۽ علائقائي يڪجهتي جا ضامن آهيو، جنرل عاصم منير چيو ته هٿيارن جي ڊوڙ سان خطي ۾ طاقت جو توازن بگڙڻ جا امڪان آهن، هڪ مضبوط ايئرفورس کانسواءِ ملڪ ڪنهن به جارحيت ڪندڙ جي رحم ڪرم تي هوندو آهي، پاڪ ايئرفورس بي مثال بهادري ۽ مهارت سان هر قسم جي ڏکين گهڙين ۾ فضائي حدن جي نگراني ڪئي آهي، ان جو وڏو مثال فيبروري 2019 سڀني جي سامهون آهي، آرمي چيف چيو ته والاريل ڪشمير تي ڀارت پنهنجو ناجائز قبضو ڪري رکيو آهي، ڪشمير ۾ جاري ڀارت تي سموري دنيا جي خاموشي اتي گونجندڙ آزاديءَ جي آواز کي دٻائي نه ٿي سگهي، اسان پنهنجن ڪشميري ڀائرن جي اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت جاري رکنداسين، سدائين ياد رکو ته حق طاقت آهي ۽ باطل ڪڏهن به طاقتور ٿي نه ٿو سگهي، آرمي چيف پاسنگ آئوٽ پريڊ جو معائنو به ڪيو