اسان پنهنجي مخصوص سيٽن تي ڪنهن کي به حلف کڻڻ نه ڏينداسين: خيبر پختونخواهه جو وڏو وزير علي امين گنڊاپور
اپريل 2, 2024
اسان پنهنجي مخصوص سيٽن تي ڪنهن کي به حلف کڻڻ نه ڏينداسين، آئين جو تحفظ هر پاڪستاني شهريءَ تي فرض آهي، اسان پنهنجي حق لاءِ وڙهنداسين ۽ آخري حد تائين وينداسين: خيبر پختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور جون پشاور ۾ ميڊيا سان ڳالهيون، ڪي پي جي وڏي وزير چيو ته اسان کان چونڊ نشان کسيو ويو ۽ اسان جون مخصوص سيٽون به نه ڏنيون ويون، مخصوص سيٽن واري معاملي تي ڪو به سمجهوتو نه ڪنداسين، اڄ رات 8 وڳي اسان جي پارلياماني پارٽي جو اهم اجلاس آهي، اجلاس ۾ وڏا فيصلا ڪنداسين