ججز خلاف مهم برداشت نه ڪنداسين، حڪومت ڪارروائي ڇو ناهي ڪئي، پاڻ ملوث آهي؟ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ

جُولاءِ 9, 2024

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق رمارڪس ڏنا آهن ته ججز خلاف مهم برداشت نه ڪئي ويندي، جيڪو ائين ڪندو، اڊيالا جيل ۾ گرميون گذاريندو، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ جسٽس طارق محمود جهانگير خلاف سوشل ميڊيا مهم بابت ٻڌڻي دوران چيف جسٽس عامر فاورق ايڊيشنل اٽارني جنرل سان مخاطب ٿيندي چيو ته ائين نه هلندو، ٻڌايو پيمرا، پي ٽي اي ۽ ايف آءِ اي جي ڪهڙي ذميواري آهي، ڇا کين اهو نظر نٿو اچي؟ جسٽس ميان گُل حسن اورنگزيب چيو ته ججز خلاف مهم هلائي وئي، پر حڪومت ڪوبه ايڪشن نه کنيو، چيف جسٽس چيو ته ڇا ججز پاڻ ٽوئيٽ ڪن ته ڊگري صحيح آهي يا نه؟ پاڻ وضاحتي پريس ڪانفرنس ڪن؟ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پيمرا، پي ٽي اي ۽ ڊي جي ايف آءِ اي کي نوٽِسز جاري ڪري ڇڏيا، غريده فاروقي، عمار سولنگي ۽ حسن ايوب کي به نوٽيس جاري ڪيا ويا. توهين عدالت ڪيس جي ٻڌڻي چيف جسٽس جي سربراهيءَ ۾ فل ڪورٽ ڪئي، عدالت چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته اسان احتساب کان نه پيا ڊڄون پر سڀني کي چئي رهيا آهيون ٿورو آهستي ٿي وڃون. هي ڪنهن هڪ جج متعلق ناهي، جج جو سمورو ڪجهه اخلاقي معاملن تي آهي. اوهان سپريم جوڊيشل ڪونسل وڃڻ چاهيو ٿا ته 100 ڀيرا وڃو. واضع رهي جيڪو به ان ۾ ملوث نڪتو ان کي نه ڇڏينداسين. هي جيڪي سمورا ريگيوليٽري ادارا ڪٿي آهن؟.  ايڊيشنل اٽارني جنرل چيو ته اهو سڀ ڏسڻ پي ٽي اي ۽ پيمرا جي ذميواري آهي. چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته ذميواري نڀائي ڇو نه پئي وڃي. حڪومتي خاموشي ٻڌائي رهي آهي ته هو انهن سان گڏ آهن. وزير قانون ۽ وزير اطلاعات ان متعلق هڪ لفظ به ناهي چيو. ڇا اِن خاموشيءَ جو مطلب آهي ته اوهان ان جي پٺيان آهيو؟ ڇا هاڻي عدالت پي ٽي اي ۽ پيمراکي ٻڌائي ته انهن کي ڇا ڪرڻو آهي. ايڊووڪيٽ جنرل چيو ته ان معاملي تي ادارا جاتي ريسپارنس اچڻ گهرجي ها. جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب چيو ته هي چاهين ٿا ته جج کي پاڻ اچي جواب ڏيڻ گهرجي. چيف جسٽس چيو ته هي ڪاروائي ادارا جاتي ريسپانس ئي آهي جنهن به اهو ڪيو آهي اهو اڊيالا جيل ۾ گرميون گذاريندو.

Leave A Comment