موسميات کاتي اڄ کان پهرين مارچ تائين بلوچستان ۾ به طوفاني برساتن جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي
فيبروري 29, 2024
موسميات کاتي اڄ کان پهرين مارچ تائين بلوچستان ۾ به طوفاني برساتن جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي، موسميات کاتي موجب گوادر، ڪيچ، تربت، پنجگور، آواران، بارکان، ڪوهلو، سبي، نصير آباد، دالبندين ۽ خضدار ۾ شديد برساتن جا امڪان آهن، طوفاني برساتن سبب خضدار ۽ جهل مگسي جي جابلو پٽي کان سنڌ ۾ پاڻي داخل ٿيڻ جو خدشو، وڏي وزير مراد علي شاهه ڪمشنر لاڙڪاڻو کي ٻوڏ جهڙي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ سمورا حفاظتي اپاءَ وٺڻ جي هدايت