بلوچستان ۾ جيڪو ٿيو سڀني جي سامهون آهي، حالت جنگ ۾ آهيون: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ
آگسٽ 29, 2024
اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اسلام آباد جي ضلعي انتظاميا پي ٽي آءِ کي 8 سيپٽمبر تي جلسي جي اجازت ڏيڻ جي خاطري ڪرائي ڇڏي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق انتظاميا خلاف توهين عدالت جي درخواست تي ٻڌڻي 10 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي. چيف جسٽس عامر فاروق اسلام آباد ۾ جلسي جو اين او سي رد ٿيڻ تي توهين عدالت جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران پي ٽي آءِ پاران وڪيل شعيب شاهين عدالت ۾ پيش ٿيو. ايڊووڪيٽ جنرل اسلام آباد عدالت ۾ پيش ٿيو. عدالت رمارڪس ڏنا ته اسان هن وقت حالت جنگ ۾ آهيون، بلوچستان ۾ جيڪو ٿي رهيو آهي سڀني جي سامهون آهي، آخري رات ئي اين او سي رد ڪرڻ جو ڇو ٿا ٻڌائين، ماڻهو هڪ پارٽي جا سپورٽر آهن پر ان کان پهريان انسان ۽ پاڪستان جا شهري آهن. انتظاميا آخري وقت تي جلسي جي اين او سي ڇو معطل ڪندي آهي. ماڻهو پري پري کان نڪري چڪا هوندا آهن بعد انهن کي ۾ پتو پوي ٿو جلسو ملتوي ٿي ويو. اوهان پهريان ٻڌائي ڇڏيو ته سيڪيورٽي خدشا آهن اجازت نٿا ڏئي سگهون اهو پهريان ٻڌايو. جيڪي به 20، 25 هزار ماڻهو اچڻا هوندا آهن انهن جي جان کي خطرو هوندو آهي. اهي ڪي بي حس ماڻھو ته ناهن انهن کي پوءِ به ماڻهن کي خطري ۾ وجهڻو آهي. چيف جسٽس عامر فاروق رمارڪس ڏنا ته مون پريس ۾ ڏٺو آهي ته صبح صبح جو اڊيالا جيل وڃي ملاقات ڪئي وئي. ايڊووڪيٽ جنرل چيو ته پي ٽي آءِ قيادت جا ٿورائتا آهيون هنن جلسو ملتوي ڪيو. ضلعي انتطاميا پي ٽي آءِ جلسي جي اجازت به ڏني آهي. عدالت ايڊووڪيٽ جنرل کان پڇيو ته پورو اسلام آباد بند آهي، ڪنٽينر ئي ڪنٽينر آهن ڇا ڪارڻ آهي. صرف هڪ مارگلا روڊ کليل آهي ۽ اتي به ڊگهيون قطارون لڳل آهن. محرم ٿي ويو. ختم نبوت وارا اچي ويا. هاڻي اڳتي ڇا ٿيڻو آهي اهو به ٻڌايو. ڇا سٺو لڳندو ته مان ڪمشنر کي گهرائي شوڪاز نوٽيس جاري ڪريان. ٻڌڻي دوران ايڊووڪيٽ جنرل اسلام آباد 8 سيپٽمبر تي جلسي جي اجازت جي خاطري ڪرائي. جنهن تي چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته 8 تي جلسو آهي ته اسان هي درخواست نه پيا اڪلايون. اسان هن درخواست کي 10 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪريون ٿا. عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 10 سپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي