تازا ترين
  • *فيصل آباد ۾ انوکو جنازو، فوتي شخص جو مڙهه بينڊ باجا وڄائي آخري آرامگاهه نيو ويو *فوتي جي مرشد کيس هدايت ڪئي هئي ته مرڻ کانپوءِ کيس بينڊ باجن سان دفنايو وڃي: وارث**
  • *لاڙڪاڻو: ويهڙ ٿاڻي جي حد ۾ پوليس مقابلو، هڪ مبينا ڏوهاري مارجي ويو *مقابلي دوران ڏوهاري زخمي ٿيو، جنهن بعد ۾ دم ڏئي ڇڏيو: پوليس *مارجي ويل ڏوهاري وٽان ڪلاشن ڪوف ۽ گوليون هٿ: پوليس *مارجي ويل ڏوهاري جي سڃاڻپ نادر پٽ عبدالرحمان لاشاري طور ٿي: پوليس*
  • * سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ملڪ اندر اٽي سميت ٻين شين جي بحران خلاف اپيل تي ٻڌڻي *عدالت ڊي جي بيورو اينڊ سپلائي کان لکت ۾ رپورٽ طلب ڪري ورتي *عدالت چيف سيڪريٽري کي 3 فيبروري تي پيش ٿيڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو*
  • *جروار ڀرسان 7 مهينا اڳ ڪنڊير شاخ مان نوجوان جو لاش هٿ اچڻ وارو مامرو *جروار پوليس پاران مقتول نبي بخش بوزدار جي وارثن جي نشاندهي تي 3 ڄڻا گرفتار *شهمير لغاري، سڌير لغاري ۽ جيوڻ لغاري کي گرفتار ڪري نامعلوم هنڌ منتقل ڪيو ويو: پوليس ذريعا *مقتول جي وارثن ڪوڙو الزام لڳايو، پوليس 3 ڄڻن کي کنڀي گم ڪري ڇڏيو آهي: نهال لغاري*
  • *ڏاهلي ڀرسان عمرڪوٽ ويندڙ تيز رفتار جيپ ٽائر راڊ ٽٽڻ سبب ڪلٽي، هڪ ڄڻو فوت، 3 زخمي /*ڇاڇرو:جيپ ڪلٽي ٿيڻ سبب جبار پٽ دودو نهڙي فوت ٿي پيو *ڇاڇرو: فوتي جو لاش ۽ زخمين کي عمرڪوٽ اسپتال منتقل ڪيو ويو*

What is Dementia Part II …..يادادشت جي بيماري (حصو ٻيو )…ڊاڪٽر هريش ٿارواڻي

)نوٽ: هن مضمون جو پهريون حصو 26 جنوري تي ڇپيو آهي، جنهن جو ٻيو حصو گذريل آچر 9 فيبروري تي اچڻو هو، پر ڪن سببن جي ڪري نه ڇپجي سگهيو، جيڪو اڄ پيش ڪري رهيا آهيون.)
متاثر ڪير هوندو آهي؟
مردن جي ڀيٽ ۾ عورتون وڌيڪ متاثر ٿينديون آهن، جنهن جو صحيح ڪارڻ اڃان تائين معلوم نه ٿي سگهيو آهي. خاص ڪري الزاهمر واري قسم جي يادداشت واري بيماري ۾ جين يا موروثيت جو وڏو ڪردار هوندو آهي، جيڪڏهن بلڊ پريشر ۽ شگر تي صحيح نموني ڪنٽرول ڪجي ته ان بيماري تي به ضابطو آڻي سگهجي ٿو. اهڙي ريت يادادشت جي بيماري جو هڪ قسم شراب جي واهپي سان ڳنڍيل هوندو آهي، ان کي شراب جو واهپو ختم ڪري گهٽائي سگهجي ٿو. وٽائمن ڊي، وٽامن بي 12۽ فوليٽ جي گهٽتائي، گهٽ توجهه يا يادداشت متاثر ٿيڻ جهڙا اثر ڏيکاري سگهي ٿي، ان ڪري صحيح علاج ذريعي يادداشت کي بهتر بڻائي سگهجي ٿو. وٽامن اِي، اوميگا 3 فيٽي ايسڊ به ڌيان ۽ يادداشت سان لاڳاپيل بيمارين کي روڪي ٿي پر يادداشت کي بهتر به بڻائي ٿي. روزانو شام صبح 20 منٽن تائين واڪ/پنڌ ڪرڻ سان رت دماغ جي سيلز تائين پهچندو آهي ۽ بلڊ شگر توڙي بلڊ پريشر تي ڪنٽرول ڪندو آهي. پڙهيل لکيل، ڪاليج يا يونيورسٽي جي ڊگري يافته ماڻهن جي ڀيٽ ۾ عام، اڻپڙهيل يا گهٽ پڙهيل ماڻهن ۾ يادداشت جي بيماري جو رسڪ وڌيڪ ٿئي ٿو. معمه حل ڪرڻ، انٽرنيٽ تي راند وغيره کيڏڻ جو عمل دماغ جي سيلز کي متحرڪ بڻائي ٿو. ان کانسواءِ دٻاءُ گهٽائڻ (جيئن گهرڀاتين، دوستن وغيره سان تڪرار يا بحث کان پرهيز) سان نيورونل سيلز کي نقصان کان بچائي سگهجي ٿو. مراقبو، يوگا، روحاني رسمون، موسيقي ٻڌڻ فائديمند آهن، خاص ڪري موسيقي ٻڌڻ سان ته ڌيان يا توجهه ۾ تمام گهڻي بهتري اچي ٿي.
علاج ڇا آهي؟
يادداشت جي بيماري، خاص ڪري الزاهمر جي علاج ۾ اڃان تائين ڪا گهڻي اڳڀرائي نه ٿي آهي ۽ اڃان ايتريون دوائون ايجاد نه ٿي سگهيون آهن. پر ڪجهه دوائون آهن جيڪي هيٺ ڏجن ٿيون.
1- cholinesterase inhibitors
)الف) donepezil، (ب) galantamine، (ٻ) rivastigmine اهي گوريون آهن، جيڪي يادداشت وڃائڻ واري عمل کي روڪين ٿيون، پر اهي يادادشت توڙي سوچ ويچار جي عمل ۾ بهتري نٿيون آڻين. ٻيو ته اهي گوريون معمولي کان وچولي درجي جي يادداشت واري بيماري لاءِ ڪم ڪن ٿيون.
(الف) donepezil 5 ملي گرام 6 هفتن لاءِ ۽ پوءِ 10 ملي گرام رات جي وقت استعمال ڪري سگهجي ٿي.
(ب) galantamine 4 ملي گرام ڏينهن ۾ 2 ڀيرا 6 هفتن لاءِ ۽ پوءِ 8 ملي گرام ڏينهن ۾ 2 ڀيرا ۽ جيڪڏهن ڀانءَ پوي ته 12 ملي گرام روزانو استعمال ڪري سگهجي ٿي.
(ٻ) rivastigmine 3 کان 6 ملي گرام ڏينهن ۾ 2 ڀيرا استعمال ڪري سگهجي ٿي، ان جا عام سائيڊ افيڪٽ اوڪارا، الٽي، ڊائريا، بک نه لڳڻ، ڀوائتا خواب اچڻ ۽ غنودگي جا دورا وغيره جي صورت ۾ نڪري سگهن ٿا.
2- Memantine (NMDA receptor antagonist)
ھي گوري وچولي کان گهڻي حد تائين واري يادداشت جي بيماري لاءِ فائديمند ٿي سگهي ٿي، ان جا سائيڊ افيڪٽ مٿي جو سور، غنودگي جا دورا، ڊائريا، قبض وغيره جي صورت ۾ ظاهر ٿي سگهن ٿا.
جيتوڻيڪ، يادداشت واري بيماري سان ٿي سگهي ٿو ته مريض جي مائٽن يا دوستن کي ڪا پريشاني نه ٿيندي هجي، پر مريض کي يادداشت واري بيماري سان لاڳاپيل نيورو سائيڪاٽرڪ سينڊروم جو به خطرو هوندو آهي، جهڙوڪ، اينگزائٽي، اجيٽيشن، ايگريشن، ڊپريشن، مينيا، سائڪوسس (پيرانيا ۽ وزيوئل هلوسينيشن)، ڊس انهيبيٽيشن، (هلڻ، ڳالهائڻ ۾ جلد ۽ هائپر سيڪشوئل رويو)، سمهڻ ۽ جاڳڻ جا وقت تبديل ٿي وڃڻ (جيئن ڏينهن جو سمهڻ ۽ رات جو جاڳڻ) وغيره شامل آهن.
جيڪڏهن انهن ڊس آرڊرس/بيمارين جو صحيح نموني علاج ٿئي ته مريض هڪ بهتر زندگي گذاري سگهي ٿو ۽ گهرڀاتين توڙي دوستن جي لاءِ پريشانين ۾ به گهٽتائي اچي سگهي ٿي.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *