ڪهڙي قانون تحت ڪم ڪجي؟ فيصلي بعد اليڪشن ڪميشن لاءِ مونجهارا

سيپٽمبر 24, 2024

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ جي فيصلي بعد اليڪشن ڪميشن جو ردعمل به اچي ويو، اليڪشن ڪميشن جي ذريعن جو چوڻ آهي ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي اليڪشن ايڪٽ کي غير فعال بڻائي ڇڏيو آهي، اليڪشن ڪميشن هاڻ ڪهڙي قانون تحت ڪم ڪري؟ اليڪشن ڪميشن کي مڪمل طور ناڪارا ڪيو ويو آهي. هوڏانهن اليڪشن ڪميشن جي پنجين اجلاس ۾ به سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي عملدرآمد جي حوالي سان فيصلو نه ٿي سگهيو، مشاورتي اجلاس اڄ ٻيهر طلب ڪيو ويو. مخصوص سيٽن جي حوالي سان اليڪشن ڪميشن جو اجلاس ٿيو، چيف اليڪشن ڪمشنر جي سربراهيءَ ۾ اجلاس پنجين ڏينهن به جاري رهيو. اجلاس ۾ اليڪشن ڪميشن جي ميمبرن، سيڪريٽريز ۽ قانون ٽيم شرڪت ڪئي. مخصوص سيٽن جي فيصلي تي عمل درآمد ڪرڻو آهي يا نه اليڪشن ڪميشن هن وقت تائين ٻڏتر جو شڪار آهي. اجلاس ۾ قانوني ٽيم پاران سپريم ڪورٽ جي مخصوص سيٽن جي حوالي سان جاري ڪيل تفيصلي فيصلي تي بريفنگ ڏني وئي. ڪميشن اجلاس اڄ ٻيهر طلب ڪيو ويو آهي.

Leave A Comment