ٻار ڇا چوندا؟ توانائي ڪاميٽي ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ اقبال آفريدي جو عورت جي ڪپڙن تي اعتراض

آگسٽ 17, 2024

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) توانائي بابت قومي اسيمبلي جي اسٽينڊنگ ڪاميٽي جي اجلاس دوران پي ٽي آءِ ميمبر اقبال آفريدي عورت جي لباس تي اعتراض واري ڇڏيا، اقبال آفريدي چيو ته چيئرمين صاحب! خاتون جو لباس ٺيڪ ناهي، اسيمبلي جي ڪاميٽي ۾ اچڻ لاءِ لباس جو ڪو ايس او پي هجڻ گهرجي، هن چيو ته جيڪڏهن مهذب معاشري ۾ اهڙا ماڻهو اچن ته ٻار ڇا چوندا؟ هتي اسيمبليءَ جي هڪ عورت ميمبر به بيٺي هئي، توهان هن جو لباس به ڏٺو، هتي اهڙن ڊرامن جا سين ناهن ٿيندا جيڪو معاشرو ڏسندو آهي. هن چيو ته هن عورت سان نظام، سسٽم، معاشرو خراب ٿيڻ جو خدشو آهي، مان ڪنهن جي باري ۾ ناهيان ڳالهائيندو پر لباس صحيح نه هيو، اجلاس بعد ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه دوران ڪاميٽي جي چيئرمين محمد ادريس چيو ته عورت جي لباس تي احتجاج ڪرڻ مناسب ناهي، اقبال آفريدي غلط فهمي جي بُنياد تي ائين ڪيو، اقبال آفريدي جي اعتراض تي ڪاميٽي جي چيئرمين معذرت ڪري ورتي،

اقبال آفريدي معافي وٺي: عورت پارليامينٽ ميمبرز جو شديد ردعمل

اسلام آباد: اسٽينڊنگ ڪاميٽي جي اجلاس ۾ عورت جي لباس تي اعتراض واريندڙ پي ٽي آءِ ايم اين اي اقبال آفريدي تي پارليامينٽ ميمبرز جي ڇتي تنقيد، شيري رحمان چيو آهي ته اقبال آفريدي جو اعتراض عورتن کي ڪنٽرول ڪرڻ واري سوچ جي عڪاسي ڪري ٿو، پي ٽي آءِ سندس خلاف ڪارروائي ڪري، اقبال آفريدي کي معافي وٺڻ گهرجي، نواز ليگ اڳواڻ نوشين افتخار چيو آهي ته عورتن جي باري ۾ پي ٽي آءِ جو رويو نئون نه آهي، پي ٽي آءِ باني به موٽروي ريپ ڪيس ۾ عورت جي لباس کي ذميوار قرار ڏنو  هو.

اقبال آفريدي پنهنجي نظرن جو خيال رکي: ترجمان سنڌ سرڪار

ڪراچي (م ڊ) عورت جي لباس تي اقبال آفريدي جي اعتراض تي سنڌ حڪومت جي ترجمان ارسلان اسلام شيخ جو رد عمل سامهون اچي ويو. بئريسٽر ارسلان اسلام شيخ جو چوڻ آهي ته اسان جي معاشري ۾ عورتن کي مڪمل آزادي آهي، عورت جي لباس تي اعتراض واري ڪا به ڳالهه ناهي. سنڌ حڪومت جي ترجمان چيو ته اقبال آفريدي جو اعتراض سمجهه کان ٻاهر آهي، اقبال آفريدي پنهنجي نظرن جو خيال رکي. هن وڌيڪ چيو ته اقبال آفريدي کي پنهنجي عمل تي عورت کان معافي گهرڻ گهرجي.

Leave A Comment