ڪڻڪ امپورٽ ڪرڻ واري اسڪينڊل جي ذميوارن کي سخت سزا ڏني وڃي: بلاول ڀٽو زرداري

مَي 15, 2024

ڪڻڪ جي ايڪسپورٽ تان فوري طور پابندي هٽائي وڃي، اڳوڻي نگران سرڪار پاران ڪڻڪ امپورٽ ڪرڻ سبب سنڌ ڪڻڪ جي خريداري گهٽ ڪئي، ٻڌايو وڃي ته عوام جا پئسا ڪڻڪ جي امپورٽ تي ڇو خرچ ڪيا ويا؟ حڪومت ڪميٽي ڪميٽي کيڏڻ بند ڪري، ڪڻڪ امپورٽ ڪرڻ واري اسڪينڊل جي ذميوارن کي سخت سزا ڏني وڃي: بلاول ڀٽو زرداري جي قومي اسيمبلي ۾ اڳوڻي نگران وفاقي سرڪار تي ڇتي تنقيد، بلاول ڀٽو زرداري چيو ته هارين جي معاشي قتلام جو احتساب ٿيڻ گهرجي، حڪومت کي جيڪو فيصلو ڪرڻو آهي اهو سڀاڻي بدران اڄ ڪري، هارين کي نقصان نااهل، اڻ چونڊيل ۽ غير جمهوري ماڻهن جي قدمن سبب پهتو آهي، وزيراعظم شهباز شريف ڪڻڪ اسڪينڊل ۾ ملوث ڪامورن ۽ ٻين خلاف سخت ڪارروائي ڪري

Leave A Comment