ڪڻڪ تي ود هولڊنگ ٽيڪس نامنظور: سنڌ ۾ فلور ملز بند، اٽي جي بحران جو خدشو
جُولاءِ 12, 2024
ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ سميت سڄي ملڪ جي فلور ملز بجيٽ ۾ ڪڻڪ تي ود هولڊنگ ٽيڪس لڳائڻ خلاف احتجاج طور فلور ملز بند ڪري ڇڏيون، ڪراچي جي 95 فلور ملز بجيٽ ۾ ود هولڊنگ ٽيڪس لڳائڻ خلاف احتجاج طور ڪڻڪ جي پيهائي بند ڪري ڇڏي، ان ڏس ۾ فلور ملز ايسوسيئيشن سائوٿ زون جي چيئرمين عامر عبدالله چيو ته ٽيڪس جمع ڪرڻ ايف بي آر جو ڪم آهي، اسان کي ٽيڪس ايجنٽ نه بڻايو وڃي، ود هولڊنگ ٽيڪس جي خاتمي تائين فلور ملز بند رهنديون، جنهن سبب شهري کي اٽي، ميدي، سوجي ۽ مالوندن کي ڍورن لاءِ چوڪر جي فراهمي بند رهندي، هن چيو ته ود هولڊنگ ٽيڪس لڳڻ سان اٽو 8 کان 10 رپيا ڪلو مهانگو ٿي ويندو، ٻئي پاسي حيدرآباد ۾ 8 فلور ملز جي هڙتال سان گڏ آٽا چڪي اونرز ايسوسيئيشن پاران هڙتال جي حمايت ڪندي حيدرآباد جون 222 اٽي جون چڪيون بند ڪري ڇڏيون، شهر ۾ اٽي جون چڪيون بند ڪري چڪين ٻاهران احتجاجي بينر لڳايا ويا، حيدرآباد ۽ ڪوٽڙي سميت ڄامشورو ضلعي ۾ به فلور ملز مالڪن فلور ملز بند ڪري ڇڏيون، ڄامشورو چيمبر آف ڪامرس جي صدر ملڪ ياسر به فلور ملز ايسوسيئيشن جي هڙتال جي حمايت ڪري ڇڏي، 10 کان وڌيڪ فلور ملز بند ٿيڻ سبب ڄامشوري ضلعي ۾ اٽي جو بحران پيدا ٿيڻ جو خدشو پيدا ٿي ويو، لاڙڪاڻي شهر جي 5 فلور ملز خان فلور مل، لاڙڪاڻو فلور مل، عظيم فلور مل، مهڪ فلور مل، مدينه فلور مل کي مالڪن بند ڪري ڇڏيو، جنهن ڪري لاڙڪاڻي ضلعي ۾ اٽي جي بحران پيدا ٿيڻ جو خدشو وڌي ويو آهي، فلور مل بند ٿيڻ سبب ڪيترائي مزدور پڻ بيروزگار ٿي ويا آهن، ميرپورخاص ۾ به ڪڻڪ تي ود هولڊنگ ٽيڪس لاڳو ڪرڻ ۽ بجلي جي بلن ۾ مقرر ٿيل چارجز خلاف فلور ملز ۽ اٽي چڪين جي مالڪن احتجاجن چڪيون بند ڪري پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو، ٺٽي ضلعي ۾ قائم ٺٽا فلور ملز ۽ الطاف فلور ملز گھارو بند ٿيڻ سبب ڪڻڪ جي اٽي جو بحران پيدا ٿيڻ جو خدشو وڌي ويو، پنوعاقل ۾ 11 فلور ملز بند ٿي ويون، گمبٽ ۾ به اڻ اعلانيل مدي تائين فلور ملون بند ڪيون ويون، فلور ملز ۽ اٽي جي چڪين جي مالڪن جو چوڻ آهي ته ود هولڊنگ ٽيڪس هٽائڻ تائين فلور ملز پاران پيهائي بند رهندي.