ڪڻڪ اسڪينڊل: نواز شريف وزير اعظم شھباز شريف کي طلب ڪري رپورٽ گهري ورتي

مَي 4, 2024

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) مسلم ليگ ن جي قائد نواز شريف ڪڻڪ اسڪينڊل تي وزير اعظم شهباز شريف کي طلب ڪري رپورٽ گهري آهي. ذريعن موجب نواز شريف جي صدارت هيٺ جاتي امرا ۾ اجلاس ٿي گذريو، جنهن ۾ ن ليگ جي قائد نواز شريف چيو ته ملڪ ۾ ڪڻڪ جو بحران پيدا ڪرڻ وارن کي نه ڇڏيو وڃي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪڻڪ اسڪينڊل ۾ نواز شريف سومر تي وزيراعظم شهباز شريف کي طلب ڪري ورتو آهي ۽ اهو به ٻڌايو پيو وڃي ته شهباز شريف طرفان معاملي تي نواز شريف کي رپورٽ پيش ڪئي ويندي. جاتي امرا ۾ ٿيندڙ اجلاس م نواز شريف کي ٻڌايو ويو ته سامونڊي جهاز ڪڻڪ کڻي هلي پيو ۽ منظوري بعد ۾ورتي وئي، 25 ڏينهن ۾ پهچڻ وارو جهاز منظوري جي ستن ڏينهن بعد ئي بندرگاهه پهتو. ياد رهي ته وزير اعظم شهباز شريف حڪومت جي پهرين مهيني ۾ 6 لک 91 هزار ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ درآمد ڪرڻ جو نوٽيس ورتو هو.

Leave A Comment