ڪڻڪ اسڪينڊل: نگران ڪاڪڙ سرڪار ذميوار قرار، 300 ارب جو خزاني کي نقصان: وزيراعظم پاران جاچ جي منظوري

مَي 2, 2024

اسلام آباد (بيورو رپورٽ + م ڊ) نگران دور ۾ نجي شعبي کي لامحدود ڪڻڪ درآمد ڪرڻ، ڪسٽم ۽ جي ايس ٽي جي ڇوٽ ڏني وئي، رعايتون ڏيڻ ۽ غيرضروري اضافي ڪڻڪ ٻاهران گهرائڻ  جي ڪري قومي خزاني کي 300 ارب جو نقصان ٿيو، فوڊ سيڪيورٽي وزارت پاران وزيراعظم آفيس کي بريفنگ ڏني وئي، ٻڌايو ويو ته نگران ڪابينا جي منظوري کانپوءِ ناڻي وزارت جي سفارش تي فوڊ وزارت ڪڻڪ درآمد ڪرڻ جي سمري موڪلي، فوڊ وزارت پاران واپار وزارت ۽ ٽي سي پي جي سفارشن کي نظرانداز ڪيو ويو، منظم منصوبي تحت ڪڻڪ ٻاهران گهرائي وئي جنهن سان 300 ارب جو نقصان ٿيو، گذريل سال 28.18ملين ٽن ڪڻڪ پيدا ٿي، 2.45 ملين ٽن درآمد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو، پاسڪو، صوبائي ادارا گهربل حدف 7.80 بدران 5.87 ملين ٽن ڪڻڪ خريد ڪري سگهيا، وزيراعظم نگران حڪومت ۾ ٻاهران غير ضروري خريد ڪيل ڪڻڪ جي جاچ ڪرائڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن ميمبر ميان مشتاق نگران دور ۾ ڪڻڪ خريداري جي جاچ ڪري وزيراعظم کي رپورٽ پيش ڪندو.حڪومت فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن جي سينيئر ميمبر مشتاق کي چيئرمين لڳائڻ جو فيصلو به ڪيو آهي. ميان مشتاق جي ايف پي ايس سي ۾ 13 مهينا سروس باقي آهي، 15 ڪامورن سان واسطو رکندڙ ميان مشتاق پاڪستان ايڊمنسٽريٽو سروس گريڊ 22 جو رٽائرڊ آفيسر آهي. هوڏانهن صحافي رئوف ڪلاسرا دعويٰ ڪئي آهي ته ڪڻڪ جو وڏو اسڪينڊل آهي، پهريان چيو ويو ته ڪڻڪ جو گذريل سال جو حدف پورو ناهي ٿيو، امپورٽرز به دٻاءُ وڌو، ان وقت سيڪريٽري محمد محمود هو جيڪو رنگ روڊ ڪيس ۾ جيل ۾ رهيو هو، جنهن کي شهباز شريف سيڪريٽري زراعت مقرر ڪرايو، اهو آفيسر ننديپور پراجيڪٽ ڪيس ۾ به شامل هو، نجي ٽي وي چينل نيو نيوز جي پروگرام ۾ رئوف ڪلاسرا دعويٰ ڪئي ته 10 آڪٽوبر 2023 تي هن سمري موڪلي جنهن دوران نگران سرڪار اچي چڪي هئي، جولاءِ ۾ جڏهن شهباز شريف وزيراعظم هو ته ان جي حڪومت دوران هڪ سمري اي سي سي کي موڪلي وئي ته ڪڻڪ جو ذخيرو گهٽ آهي، درآمد ڪرڻ گهرجي، قيمتون وڌي رهيون آهن، اي سي سي اها سمري منظور نه ڪئي هئي، يعني شهباز جي اڳوڻي دور کان اهو معاملو هليو، نگران حڪومت آئي ته ٻيهر پهرين سيپٽمبر 2023 تي ٻيهر سمري موڪلي وئي، ان وقت نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ هو، وزيراعظم آفيس پاران ايڊيشنل سيڪريٽري شڪيل شاهه ٽئي نقطا ٺاهي ڏنا، سرڪاري ۽ پرائيويٽ سيڪٽر گڏجي ڪڻڪ ٻاهران گهرائن، امپورٽرز جو نگران حڪومت تي دٻاءُ هو، شروعاتي طور 10 لک ٽن گهرائڻ جو ارادو ڪيو ويو پر 30 لک ٽن کان وڌيڪ ڪڻڪ گهرائي وئي، انهن مان هڪ آخري شپ 15 مارچ 2024 تي پهتي، ان وقت ملڪ ۾ به فصل لهي ويو، ان ۾ ڪامرس وزارت جنهن جو وزير اعجاز گوهر هو، واپار وارو وزير ڊاڪٽر ڪوثر عبدالله ملڪ، وزيراعظم آفيس، ناڻي وزير شمشاد اختر ڪڻڪ ٻاهران گهرائڻ ۾ ملوث هئا، پروگرام ۾ صحافي سهيل ڀٽي دعويٰ ڪندي چيو ته گذريل مالي سال دوران ڪڻڪ ٻاهران گهرائڻ لاءِ ماحول ٺاهيو ويو، جُون 2023ع ۾ اهو سال مڪمل ٿيو، ملڪ ۾ بمپر فصل لٿو هو، کوٽ نه هئي، پرائيويٽ سيڪٽر ڪڻڪ ٻاهران گهرائڻ لاءِ زور رکيو، هن چيو ته جاچ شروع ٿي چڪي آهي، وزيراعظم آفيس کي هڪ خط مليو آهي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته آبادگارن کي 380 ارب جو نقصان پهتو، حڪومت کي 140 ارب جو نقصان ٿيو آهي.

Leave A Comment