جڏهن عدالت ۾ عجيب شيون ٿي رهيون هجن ٿيون ان وقت اعتراض ڇو نه ڪيو ويندو آهي؟: چيف جسٽس

آڪٽوبر 10, 2024

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ ۾ ڊيمز فنڊز ڪيس جي ٻڌڻي جمع تائين ملتوي ڪئي وئي. چيف جسٽس آف پاڪستان قاضي فائز عيسي جي سربراهيءَ ۾ ٽه رڪني بينچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. عدالت پڇاڻو ڪيو ته ڇا فنڊز پرائيويٽ بينڪ ۾ مارڪ اپ جي لاءِ رکي سگهجن ٿا؟ عدالت وفاقي حڪومت ۽ واپڊا کان معاونت طلب ڪري ورتي. ايڊِشنل آڊيٽر جنرل عدالت کي ٻڌايو ته سپريم ڪورٽ جي حڪم نامي تحت وزير اعظم چيف جسٽس ڊيمز فنڊ اڪائونٽ کوليو ويو. رجسٽرار سپريم ڪورٽ اڪائونٽ جي سار سنڀال ڪندو هو، جاچ مان معلوم ٿيو ته ڊيمز فنڊ ۽ مارڪ اپ ۾ بي قائدگيون ناهن ٿيون. چيف جسٽس آف پاڪستان ريمارڪس ڏنا ته اڪائونٽ جو عنوان نا مناسب آهي. منهنجي هميشه پريڪٽس رهي آهي ته آئين ۽ قانون جي بجاءِ عدالتي فيصلن کي فوقيت نه ڏيڻ گهرجي. واپڊا جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته اسان 2018 کان هاڻي تائين 19 عملدرآمد رپورٽس جمع ڪرايون آهن. چيف جسٽس آف پاڪستان چيو ته اسان نظرثاني نه پيا ٻڌون، صرف اهو ڏسي رهيا آهيون ته سپريم ڪورٽ فنڊز رکي سگهي ٿي يا نه. اڳوڻي اٽارني جنرل خالد جاويد خان چيو ته فنڊز جي اڪائونٽ جو نالو تبديل ڪرڻ تي ڪو اعتراض ناهي. نيوز پيپرز ۾ اڄ ڪلهه گهڻو ڪجهه ڇپجي رهيو آهي. چيف جسٽس چيو ته نه اوهان کي عدالت ۾ اخبار پڙهڻ ڏينداسين ۽ نه ئي هِتي اخبار پڙهنداسين. سياسي ڳالهين بجاءِ آئين جي معاونت ڪريو. اڳوڻي اٽارني جنرل چيو ته ڊيمز فنڊ جي کي حڪومت جي استعمال بجاءِ ڊيمز جي لاءِ ئي استعمال ٿيڻ گهرجي. جڏهن ڊيمز فنڊز ڪيس هلي رهيو هو ته ان وقت آرٽيڪل 184 جي شق ٽي جي اختيار جو ڦهيلاءُ پوري ملڪ تائين هيو. ڊيمز فنڊ پبلڪ اڪائونٽ ۾ ويا ته مارڪ اپ نٿو وٺي سگهجي. چيف جسٽس چيو ته ڇا فنڊز پبلڪ اڪائونٽ مان مارڪ اپ جي لاءِ پرائيويٽ بينڪس ۾ رکي سگهجن ٿا؟ اڊيشنل اٽارني جنرل چيو ته 37 ورهين جي ملازمت ۾ ائين ڪڏهن به ناهي ڏٺو، جسٽس قاضي فائز عيسي چيو ته اسان ڊيمز ٺاهڻ متعلق سپريم ڪورٽ جي حڪمنامي طرف نه وينداسين. متاثرن جي وڪيل چيو ته ٿرڊ پارٽي تڪرار به ان ڪيس سان لاڳاپيل آهن. چيف جسٽس چيو ته اوهان هن وقت نظرثاني جي درخواست داخل ناهي ڪئي. جڏهن سپريم ڪورٽ ۾ عيجب ۽ غريب شيون ٿي رهيون هونديون آهن ته ان وقت ڪو اعتراض ناهي ڪندو.

Leave A Comment