ڪٿي هن درد کي رکجي؟: دادو اسپتال ۾ دوائون نه مليون، ڪي اين شاهه واسڻ مريض پنڻ تي مجبور

آڪٽوبر 2, 2024

دادو (رپورٽ: فتاح شيخ) دادو جي ڊي ايڇ ڪيو اسپتال جي ڊاڪٽرن بيوس، لاچار غريب مسڪين مريضن جي واثن کي خانگي اسٽورن تان دوائون خريد ڪرڻ لاء پنڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي، دادو اسپتال جي گائني وارڊ ۾ داخل ڪيل خيرپور ناٿن شاھ واسي شهمير سولنگي جي زال جو سيزر ٿيو ، کيس ڊاڪٽرياڻين پاران انجيڪشن ۽ ٻيون دوائون خانگي اسٽور تان خريد ڪرڻ لاء پرچي لکي ڏني ، پئيسا نه هئڻ تي سندس سس شهر مان خيرات وٺڻ تي مجبور ٿي وئي ، محمد بخش سولنگي جي زال پيرسن عورت جي اهڙي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ کانپوء لمس ڄاشورو جي وي سي اڪرام الله اڄڻ جون دادو اسپتال ۾ مريضن کي دوائن سميت صحت جون سموريون سهولتون مهيا ڪرڻ وارين دعوائون غلط ثابت ٿي ويون آهن ، دادو سول اسپتال ۽ ڊي ايڇ ڪيو اسپتال جون بجيٽون لمس حوالي هئڻ باوجود غريب مريض علاج جي سهولتن لاء در بدر هئڻ سان گڏ خانگي اسٽورن تان دوائون خريد ڪرڻ لاء پنڻ تي مجبور ٿي ويا آهن ، پيرسن عورت پاران ننهن جون دوائون خريد ڪرڻ لاء پنڻ واري عمل تي شهرين ۾ لمس انتظاميا خلاف تاء پکڙيل آهي. هوڏانهن ڊي ايڇ ڪيو اسپتال دادو جي سول سرجن ڊاڪٽر امجد مستوئي رابطو ڪرڻ تي پنهنجي اخبار کي ٻڌايو آهي ته اها عورت ڪي اين شاھ نه پر دادو شهر جي رهواسڻ آهي ، پيشيور پينو فقير آهي ، ڪڏهن پٽ جي بيمار هئڻ ته ڪيڏي مهل ننهن جو سيزر ٿيڻ جا بهانا ڪري خيرات وٺندي آهي ، ڪير کيس 100 روپيا ته ڪير کيس 50 روپيا ڏيندو آهي ، اسپتال ۾ بنا خرچ جي سيزر ڪيا وڃن ٿا ۽ سموريون دوائون به مهيا ڪيون وينديون آهن ، ڊي ايڇ ڪيو اسپتال شروع ٿيڻ تي ڪجھ سازشي ماڻهون اهڙيون هٿ ٺوڪيون وڊيو ڀري ڊي ايڇ ڪيو اسپتال کي بندنام ڪرڻ جون سازشون ڪن ٿا ، جنهن ۾ ٽڪي برابر به سچائي ناهي

او ابا! دوائن جا پيسا ناهن، مدد ڪريو: پيرسن عورت ماڻهن کي ايلاز ڪندي روئيندي رهي

دادو : ڪي اين شاھ جي رهواسي محمد بخش سولنگي جي پيرسن زال پاران ننهن جون دوائون خريد ڪرڻ لاء دوڪاندارن ۽ شهرين کي روئيندي ايلاز ڪندي رهي ته هو غريب آهن ، ننهن جو سيزر ٿيو آهي ، ڊاڪٽرياڻين دوائن جي پرچي لکي ڏني آهي ، معصوم ٻار لاء کير وٺڻ جيترا به پئيسا ناهن ، دوائون وٺڻ ۾ منهنجي مدد ڪيو .

اميناڻي واسي نوجوان جي پٽ کي به علاج نه مليو: ڊاڪٽرن خانگي اسٽور جي پرچي ڏني: خادم ملاح

دادو: اميناڻي ڀرسان ڳوٺ محمد خان پاتڻي جي رهواسي خادم حسين ملاح ڊي ايڇ ڪيو اسپتال انتظاميا خلاف سخت احتجاج ڪندي داهيو آهي ته هو معصوم پٽ کي ڏيکارڻ آيس ته هڪ ڪلاڪ مونکي بيهاريو ويو ، جڏهن پٽ کي ڏيکاريو ته دوائون خانگي اسٽور جون لکي ڏنيون اٿن، جڏهن دوائون ناهن ته پوءِ اسپتال کي تالو هڻي بند ڪن نه، دوائون ٻاهران وٺڻ لاء چون ٿا ته پوء سرڪاري اسپتال ڪهڙي ڪم جي آهي

Leave A Comment