ڪير به لاڳاپا خراب نٿو ڪري سگهي: پيوٽن- شهباز ۾ ملاقات، پاڪستان ۾ هڪ ارب ڊالر سيڙپ، توانائي ۽ زراعت ۾ تعاون جي آڇ

جُولاءِ 4, 2024

آستانا/ دوشنبي ( م ڊ ) وزيراعظم شهباز شريف جي روسي صدر ولاديمر پيوٽن سان ملاقات ٿي جنهن ۾ ٻه طرفن لاڳاپن سميت اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. روس پاڪستان ۾ هڪ ارب ڊالرن جي سيڙپڪاري، توانائي ۽ زراعت ۾ تعاون جي آڇ ڪري ڇڏي، اڳواڻن جو چوڻ هو ته ڪو به ملڪ پاڪ روس جا لاڳاپا خراب نه ٿو ڪري سگهي. وزيراعظم شهباز شريف شنگهائي سهڪار تنظيم ڪائونسل آف هيڊز آف اسٽيٽ جي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ قازقستان جي راڄڌاني آستانا پهتو جتي سندس روسي صدر پيٽون سان ملاقات پڻ ڪئي. ان موقعي تي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته صدر پيوٽن سان ملاقات ڪري ڏاڍو سٺو لڳو، پاڪستان جا روس سان گڏيل لاڳاپا آهن. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته جيو پوليٽيڪل صورتحال سان متاثر نه ٿينداسين، روس سان لاڳاپا وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي ڪم جاري رکنداسين، روس تان واپار کي هڪ ارب ڊالرز تائين وٺي وڃڻ چاهيون ٿا. وزيراعظم روسي چونڊن ۾ ڪاميابي تي پيوٽن کي واڌايون به ڏنيون. ٻئي پاسي روسي صدر ولاديمر پيوٽن وزيراعظم شهباز شريف کي چيو ته اوهان سان ٻيهر ملاقات ڪري تمام گهڻي خوشي ٿي رهي آهي، ٻه سال اڳ اسان ايس سي او اجلاس جي موقعي تي سمرقند ۾ مليا هئاسين، اسان ٻه طرفن معاملن کي اڳتي وڌائڻ تي ڳالهه ٻولهه ڪئي هئي. روسي صدر چيو ته پاڪستان ۽ روس وچ ۾ بهترين لاڳاپا آهن، واپاري رابطن جي مدد سان ٻه طرفن لاڳاپن ۾ وڌيڪ بهتري ايندي، توانائي ۽ زراعت جي شعبن ۾ اسان پنهنجو سهڪار وڌائي سگهون ٿا، غذائي تحفظ واري شعبي ۾ به پاڪستان سان سهڪار وڌائينداسين وزيراعظم شهباز شريف شنگهائي تعاون تنظيم ڪونسل آف بيڊز آف اسٽيٽ جي اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ آستانا پهتو جتي هن روسي صدر سان ملاقات ڪئي آهي. شهباز شريف چيو ته ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا جيو پوليٽيڪل صورتحال کان متاثر نه ٿيندا. اسان روس سان ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ جا خواهشمند آهيون ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ واپار جو حجم هڪ ارب ڊالر تائين وڌائڻ چاهيون ٿا. هن چونڊن ۾ ڪاميابي تي به روسي صدر کي مبارڪباد پيش ڪئي

Leave A Comment