ڪير ٽيڪس لڳائي رهيو آهي سڀ خبر آهي: سينيٽ ڪميٽي جي اجلاس ۾ فيصل واوڊا ۽ ايف بي آر چيئرمين پاڻ ۾ اٽڪي پيا
جُون 20, 2024
ڪير ٽيڪس لڳائي رهيو آهي سڀ خبر آهي: سينيٽ ڪميٽي جي اجلاس ۾ فيصل واوڊا ۽ ايف بي آر چيئرمين پاڻ ۾ اٽڪي پيا، چيئرمين سليم مانڊوي والا جي صدارت هيٺ سينيٽ جي ناڻي بابت اسٽيڊنگ ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، ڪميٽي اليڪٽرڪ ۽ هائبرڊ گاڏين تي ٽيڪس جي شرح وڌائڻ جي مخالفت ڪري ڇڏي، فيصل واوڊا چيو ته سڄي دنيا ۾ اليڪٽرڪ گاڏين جي حوصلا افزائي ڪئي پئي وڃي، چيئرمين ايف بي آر زبير امجد ٽوانا چيو ته ڏيڍ ڪروڙ کان وڌيڪ ماليت جي گاڏين تي 25 سيڪڙو سيلز ٽيڪس لڳائي وئي آهي، فيصل واوڊا چيو ته ٽيڪس ۽ پاليسين ۾ تبديلي جي ڪري ڪير هن ملڪ ۾ انڊسٽري نه ٿو لڳائي، ايف بي آر اختيارين چيو ته رڳو امپورٽڊ گاڏين تي ٽيڪس لڳي آهي، مقامي طور تيار ٿيل گاڏين تي ٽيڪس نه لڳائي وئي آهي، فيصل واوڊا چيو ته هي منهنجو ڪاروبار آهي ۽ مون کي خبر آهي ته گاڏين تي ٽيڪس ڪير هڻائي رهيو آهي، مون کي مجبور نه ڪيو نه ته مان عوام ۾ وڃي ٻڌائيندس ته ڪير ٽيڪس لڳائي رهيو آهي، سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪميٽي گاڏين تي ٽيڪس واري معاملي تي بحث ملتوي ڪري ڇڏيو